فرانسس بيڪن: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
م بوٽ: کٽل <references /> ٽيگ وڌو
 
سِٽَ 31:
| signature = Francis Bacon Signature.svg
| module = {{Infobox philosopher|embed=yes
| region = [[مغربي فلاسافي ]]
| era = [[ جاڳرتا وارو فلسفو]]
| school_tradition = [[تجربيت]]
| influences = [[افلاطون ]], [[ارسطو ]], [[سيسرو ]], [[نڪولو ميڪياولي]]،[[ميشيل ڊي مانٽئني]]{{ٻيا نالا|انگريزي= Michel de Montaigne}}[[ونوڪيو برنگڪيو]]{{ٻيا نالا|انگريزي=Vanoccio Biringuccio}}، [[برنارڊ پئلسي]]، [[برنارڊنو ٽيليسيو]]، [[وليم گلبرٽ]]
| influenced = [[ٿامس ھوبس]]، [[آئزڪ نيوٽن]]، [[جان لاڪ]]، [[وليم پيٽي]]، [[انسائيڪلوپيڊيا لکندڙ]]، [[بيسل مانٽيگو]]، [[ٿامس جيفرسن]]، [[رابرٽ بائل]]، [[والٽيئر]]
| main_interests = [[فطرت جو فلسفو ]]<br>[[فلسفياڻو منطق]]
}}
}}
 
'''فرانسس بيڪن'''{{ٻيا نالا|انگريزي= Francis Bacon}} انگريز وڪيل ۽ فلسفی ھو. ھو 1582 ۾ بار جو رڪن بڻيو ۽ 1584 ۾ پارليامينٽ جو رڪن ٿيو. 1589 ۾ پنھنجي سياسي پیش قدمي جي لاءِ ھن ارل آف اسيڪس (Earl of Essex) ٻين سان دوستي ڪئي پر 1601 ۾ ھن پنھنجي محسن جي خلاف بغاوت جي مقدمي ۾ مخالفن جو ساٿ ڏنو. جيمز اول جي حڪومت ۾ (1603-25) بيڪن کي خاص ڪاميابيون حاصل ٿيون. ھو برطانيا ۽ اسڪاٽ لينڊ جي يونين جو ڪمشنر مقرر ڪيو ويو. 1604ع ۾ اٽارني جنرل مقرر ٿيو. 1613- 1618ع ۾ لارڊ چانسلر بڻيو.
 
Line 56 ⟶ 54:
==ڪيريئر==
 
[[عڪسفائل:Francis_Bacon.jpg|thumb|296x296 عڪسلون|سر فرانسس بيڪن]]
 
هڪ اثر رسوخ رکندڙ دوست هن سان سخاوت ڪئي. اهو ارل آف اسيڪس (Earl of Essex) هو، جنهن سان راڻي ايلزابيٿ محبت ڪندي هئي، پر محبت ناڪام ٿيڻ ڪري ساڻس نفرت ڪرڻ لڳي. سن 1595ع ۾ اسيڪس، بئڪن کي سياسي عهدي وٺي ڏيڻ ۾ ناڪام ٿيو، ان جي عيوضي ۾ کيس ٽوڪن هام (Twickenham) جي خوبصورت جائداد تحفي طور ڏني. اهو هڪ شاندار تحفو هو. جنهن لاءِ بئڪن سڄي عمر شايد سندس احسان مند ٿي رهي ها، پر ائين نه ٿيو، ڪجهھ سالن کان پوءِ، اسيڪس راڻيءَ کي قيد ڪرڻ لاءِ منصوبو رٿيو ۽ سندس جانشين مقرر ڪرڻ جون رٿون ٺاهڻ شروع ڪيون. بئڪن پنهنجي محسن ڏانهن هڪ پٺيان ٻيو خط لکيو، ته هو راڻيءَ سان غداري نه ڪري، پر جڏهن هو نه مُڙيو، تڏهن بئڪن اسيڪس کي خبردار ڪيو ته کيس پنهنجي محسن لاءِ شڪرگذاري کان وڌيڪ راڻيءَ جي وفاداريءَ جو احساس آهي. اسيڪس پنهنجو داءُ لڳايو، پر هاريائين ۽ کيس گرفتار ڪيو ويو. بئڪن راڻيءَ کي پنهنجي دوست لاءِ لڳاتار ايتري ته منٿ ڪئي، جو راڻيءَ آخرڪار ڪَڪَ ٿي چيس، ته ٻي ڪا ڳالھه ڪر. جڏهن اسيڪس کي عارضي طور آزاد ڪيو ويو ۽ هن لشڪر گڏ ڪري لنڊن تي ڪاهه ڪئي، تڏهن بئڪن سندس جاني دشمن ٿي پيو. انهيءَ عرصي ۾ بئن کي سرڪاري قانوني مشير مقرر ڪيو ويو. جڏهن اسيڪس کي وري گرفتار ڪيو ويو ۽ غداري لاءِ مٿس مقدمو هلايو ويو، تڏهن بئڪن سندس خلاف قانوني ڪاروائي ۾ سرگرم حصو ورتو.
Line 63 ⟶ 61:
==بيڪن جا ڪتاب ء سندس خيال==
 
ول ڊيورنٽ لکي ٿو تہ :جڏهن فرانسس بيڪن ”ايڊوانسمينٽ آف لرننگ“ لکيو هو ۽ ايڏي جرائت سان لکيو هئائين جو هن نشاة الثانيه جي جرائت کي به حيران ڪري ڇڏيو هو. بيڪن سائنس لاءِ هڪ منشور تيار ڪيو هو ۽ انهن اهم مسئلن ڏانهن اشارو ڪيو هو جنهن کي حل ڪرڻ جي ضرورت هئي ۽ انهن ڪاميابين جي اڳڪٿي ڪئي هئي جيڪي ان علم سان اسان کي حاصل ٿي سگهيون ٿي<ref name ="ول ڊيورنٽ" > ڪتاب جو نالو: فلسفي جون راحتون ،ليکڪ: وِل ڊيوران سنڌيڪار، آغا سليم ؛ايڊيشن 2016 ؛ڇپائيندڙ:
سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو</ref>.
 
==پڇاڙي==
پنهنجي حياتيءَ جا پويان پنج سال هن پنهنجي گهر ۾ اڪيلائي ۽ امن سان گذاريا. اوچتي غربت هن کي هيسائي ڇڏيو، پر فلسفي جي مطالعي کيس دلي تسڪين ڏني. انهن پنجن سالن ۾ هن پنهنجو لئٽن ۾ عظيم ترين ڪتاب ’علم جو واڌارو‘ لکيو، مضمونن جو طويل نسخو شايع ڪيو، ۽ هينري ستين جي تاريخ لکي. هن افسوس ظاهر ڪيو، ته ڇو نه ان کان اڳ هن سياست کي الوداع چئي، علم ۽ ادب طرف توجهھ ڏنو. زندگيءَ جي آخر گهڙيءَ تائين هو پنهنجي ڪم ۾ مصروف هو. ڄڻ ته هن لڙائيءَ جي ميدان تي دم ڏنو. پنهنجي هڪ مضمون ’موت‘ ۾ هن خواهش ظاهر ڪئي هئي، ته پنهنجي ڪم ڪندي ڪندي اوچتو مري وڃجي، ته جيڪر گرمجوشيءِ ۾ زخمي ٿيڻ وانگر سڪرات جو سور محسوس ئي نه ڪجي. سيرز وانگر سندس دلي تمنا پوري ٿي وئي. مارچ 1626ع ۾ هو لنڊن کان هائگيٽ گهوڙي تي سوار ٿي وڃي رهيو هو. اوچتو سندس دماغ ۾ خيال پيدا ٿيو، ته برف ذريعي گوشت کي ڪيئن خراب ٿيڻ کان بچائجي. هن ارادو ڪيو، ان ڳالهه جي آزمائش ورتي وڃي. هڪ دڪان تان هن هڪ پکي خريد ڪيو. ان کي ماري ان جي اندر برف وڌائين. جنهن وقت هو ائين ڪري رهيو هو، ان وقت کيس زڪام ۽ ڪمزوريءَ حملو ڪيو. پاڻ کي بيمار ڏسي، هن حڪم ڏنو، ته کيس لارڊ آرنڊيل جي جڳهه طرف نيو وڃي. اتي هو بستري داخل ٿيو. ان وقت به هن زندگيءَ تان آسرو نه لاٿو. هن هڪ خوشيءَ ڀريو خط لکيو، ته ڪيئن نه سندس تجربو ڪامياب ٿيو. پر اهو خط سندس آخري خط هو. پوڙهائپ واري زندگيءَ جي موسمي بخار سندس اندر کائي ڇڏيو هو. هو سڄو جلي رک ٿي ويو هو ۽ ايترو ڪمزور ٿي ويو هو، جو بيماريءَ کان پاڻ بچائڻ جي قابل نه هو. آهستي آهستي بيماريءَ سندس دل طرف رخ رکيو. 9- اپريل جي شام 1626ع ۾، پنجھٺ سالن جي ڄمار ۾ هو گذاري ويو. پنهنجي وصيت نامي ۾ هن فخر سان ۽ خاص طرح هي لفظ لکيا: ”مان پنهنجو روح خدا جي سپرد ڪيان ٿو. منهنجي جسم کي گمنام جڳهه دفن ڪيو وڃي. مان پنهنجو نالو آئنده نسلن ۽ ٻاهرين قومن لاءِ ڇڏيان ٿو.“<ref>{{cite web |url=http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Philosophy/Book4/Book_page8.html}}{ڪتاب: فلسفي جي ڪهاڻي؛ ليکڪ: ول ڊيورنٽ}</ref>
 
== حوالا ==
 
== حوالا ==
{{حوالا}}
[[زمرو:تعليم جي تاريخ]]
[[زمرو:خيالن جي تاريخ]]
[[زمرو:فلسفي جي تاريخ]]