آگسٽ: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
163523 KaleemBot (بحث) پاران ورجاءُ اڻڪريو
ٽيگ: ختم ڪيل
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 1:
{{calendarآگسٽ}}
'''آگسٽ''' (August) عيسوي سن جو اٺون مهينو ، جنهن تي اهو نالو ، رومين جي مشهور بادشاهه آگسٽس ( 63 ق . م 14 ق . م ) سبب پيو . جيئن ته رومي بادشاهه آگسٽس نهايت ايماندار ۽ انصاف پسند هوندو هو . تنهن ڪري روم جو عوام منجهانئس ڏاڍو خوش هوندو هو ۽ هن سان گهڻي محبت ۽ عقيدت رکندو هو . آگسٽس جي لفظي معنيٰ آهي دانا. رومين هن کي آگسٽس يعني ” مقدس يا محترم “ جو لقب ڏئي ڇڏيو . انهيءَ لقب پٺيان ، عيسوي سال جي اٺين مهيني تي ، آگسٽ نالو رکي ، رومي عوام پنهنجي عظيم شهنشاهه کي هميشه لاءِ امر ڪري ڇڏيو . <br />
آگسٽس جو اصل نالو آڪٽيوين ( Octavian us ) هو ۽ هو جوليس سيزر جو ڀاڻج هو ۽ سيزر جي قتل بعد روم جو بادشاهه ٿيو . هن روم ملڪ کي تمام گهڻي ترقي وٺرائي . هن جي دور ۾ تعميرات کي فروغ حاصل ٿيو . <br />