سجاڳي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
م Bot: Automated text replacement (-category: +زمرو:)
م خودڪار: اضافو زمرا +ترتيب+صفائي (14.9 core): + 7 زمرو
سِٽَ 1:
{{مبسس4}}
'''”سمجھ“''' لاءِ عربيءَ لفظ ”شعور“ ۽ انگريزيءَ ۾ ڪانشيسنيس (Consciousness) ڪتب اچي ٿو. انگريزي جو لفظ اسپرٽ ({{lang-en|'''Sprit'''}}) پڻ ساڳي معنا لاءِ استعمال ۾ اچي ٿو.
ليکڪ مرحوم ڊاڪٽر محبت ٻرڙو پنهنجي ڪتاب ”شعور“ ۾، ”سمجهه“ کي هن ريت بيان ڪيو آهي. هن موجب: ڄاڻ، سڄاڻ، عقل، سوچ، سُڌ، عقيدي، احساس، ارادي، خيال، خواهش، تصور، تانگهه، سِڪ، ساڃاهه، جذبي، ذهانت، ويساهه، وهم، اميد ۽ امنگ جو گڏيل ميڙ يا مجموعو ئي اصل ۾ ”سمجهه“ آهي. <ref>[http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=208 شعور (ڊاڪٽر محبت ٻرڙو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر<!-- Bot generated title -->]</ref>
 
سمجهه، ادارڪ، سمجهداري، پرسيپشن يا ڪانشيسنيس بنيادي طور تي هڪ نفسياتي وارتائن تي ٻڌل سلسلو آهي، جنهن ذريعي هڪ فرد ڀرپاسي جي ماحول سان پنهنجو لاڳاپو سلهاڙي ٿو. علم نفسيات ۾ ”شين جي سوجهه“ ۽” فردن جي سوجهه“ وارا ٻه محاورا ڪتب آيا آهن، جن مان پوئين محاوري کي ”سماجي سوجههءَ“ طور ڳڻيو ويندو آهي. ادراڪ يا سوجهيءَ جو بنيادي ڪارج، مختلف شين، روين ۽ وارتائن وچ ۾ فرق محسوس ڪندي، منجهانئن اهم جي چونڊ ڪرڻ آهي، ڇو ته منجهانئن ڪن کي چونڊڻ ۽ ٻين کي رد ڪرڻ جي نتيجي ۾ ئي ڪنهن فيصلي تائين رسي سگهجي ٿو، اهڙي چونڊ ۾ ڪنهن به فرد جي، ماضيءَ جا تجربا، حال جي طبعي ۽ نفسياتي صورتحال ۽ سمجهه ۾ ايندڙ تجربن سان ويجهڙائي اهم محرڪ طور ڳڻيا وڃن ٿا. ماڻهن جا هڪٻئي بابت تاثر، هڪٻئي جي روين جي ڳڻَ ڳوت ۽ پوندڙ اثرن منجهان ئي اخذ ڪري سگهبا آهن. بين الاقوامي لاڳاپن ۾ ”ادراڪ“ جو ڪارج انفرادي سطح تي سامهون ايندڙ ورتائن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ هوندو آهي، خاص طور تي فيصلا سازيءَ جي عمل ۽ اهم ڌرين طرفان خاص ڪردار جو احاطو ڪرڻ هن هنر جو اهم ترين پهلو ڳڻجي ٿو. اهڙي طرح بين الاقوامي لاڳاپن ۾ ”ادراڪ“ اصل اهو بنيادي نفسياتي ايڪو آهي، جنهن ذريعي صورتحال جي تفصيلي عڪاسي ڪري سگهجي ٿي. فيصلا سازيءَ جي عمل ۾ هڙئي ادراڪ ۽ خيال اصل ٻين شخصن بابت هنيل اندازا ۽ ڀانئيا هوندا آهن، جيڪي مخالف ڌر ڏانهن خاص قسم جي روين کي پڌرو ڪرڻ ۽ ان جي موٽ ۾ ڪن خاص ورتائن جي اميد رکندا آهن. ٻئي ماڻهوءَ جي سمجهه بابت ٺيڪ اندازو لڳائڻ هڪ ڏکيو ڪم آهي، ڇاڪاڻ جو ڪيترين ذهني صورتحالن ۾ هنيل اندازي جي پَڪ لاءِ ڪن مادي ثبوتن جو هجڻ ڏاڍو ضروري آهي. مثال طور جاسوسيءَ ذريعي مليل معلومات جو تز ڇنڊڇاڻ ڪرڻ تيستائين ممڪن ناهي، جيستائين ان حوالي سان مليل ڄاڻ کي اڳ قائم ڪيل راين ۽ اندازن سان سلهاڙيو نٿو وڃي. ساڳي طرح فيصلي ڪندڙ ماحول ۾ هزارين رخن جي ڇنڊڇاڻ به ان وقت تائين نه ڪري سگهبي، جيستائين سندس اڳ ڳڻيل ادراڪ سگهارو نه هوندو . هن موضوع تي ٻي عالمي جنگ کانپوءِ بين الاقوامي سياست ۾ تمام گهڻو ڪم ٿيو آهي. سياست جي دنيا ۾ ڪيل مختلف اهم فيصلن جي تجزيو ڪندي ٻڌايو ويو ته، انهن فيصلن پٺيان، فيصلي ڪندڙ جو ڳوڙهو ادراڪ ۽ حالتن کي درست طريقي سان سمجهڻ واري صلاحيت ئي اهم ترين محرڪ رهيو آهي. <ref>[http://dic.sindhila.edu.pk/define/Perception.php سنڌي آنلائين ڊڪشنري] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد</ref>
 
=== [[Imageفائل:Noia 64 apps xeyes.png|30px]] حوالا ڏسندا ===
{{حوالا}}
 
 
[[زمرو:سياست]]
[[زمرو:بين الاقوامي لاڳاپا]]
[[زمرو:تعليم جي تاريخ]]
[[زمرو:خيالن جي تاريخ]]
[[زمرو:سائنس جو فلسفو]]
[[زمرو:سائنس جي تاريخ]]
[[زمرو:سماج]]
[[زمرو:سياست]]
[[زمرو:علم موجودات]]
[[زمرو:علميات]]
[[زمرو:فلسفي جي تاريخ]]