ڄام صادق علي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
م خودڪار: اضافو زمرا : + زمرو:1898ع جون پيدائشون
م خودڪار: اضافو زمرا +ترتيب (14.9 core): + زمرو:1992ع جون فوتگيون
سِٽَ 20:
'''ڄام صادق علي'''، نـاليــوارو سـيـاسـتدان ۽ ســنـڌ جـو اڳـوڻو وزيـراعليٰ، 1935ع ڌاري موجوده تعلقي ڄام نواز علي، ضلعي سانگهڙ ۾ پيدا ٿيو. سندس والد [[ڄام ڪانڀو خان]] بهادري، سخاوت ۽ سماجي خدمت جي حوالي سان سڄيءَ سنڌ ۾ مشهور هو. ان ڪري اڄ به سنڌ ۾ چوڻي موجود آهي ته”تون ڪهڙو ڪانڀو خان آهين؟“ ڄام ڪانڀو خان ۽ سندس خاندان جو پنهنجي علائقي ۾ اڄ به وڏو اثر آهي.
 
== سياسي سفر ==
ڄام صادق عليءَ پنهنجي سياسي زندگيءَ جي شروعات 1950ع واري ڏهاڪي ۾ بلدياتي چونڊن ۾ بيهڻ سان ڪئي. ان کان پوءِ هن مسلم ليگ (ڪنوينشن) ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ اولهه پاڪستان اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. ايوب خان جي حڪومت ۾ پهرين پارلياماني سيڪريٽري ۽ پوءِ مملڪتي وزير ٿيو. 1970ع جي چونڊن ۾ آزاد اميدوار طور سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. ان کان پوءِ هو پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو ۽ ممتاز علي خان ڀُٽي جي ڪابينا ۾ مڪاني ادارن جو وزير ٿيو. رئيس غلام مصطفيٰ جتوئيءَ جي ڪابينا ۾ به ڄام صادق بلديات، هائوسنگ ۽ ٽائون پلاننگ جو وزير رهيو. 1977ع ۾ پاڻمرادو جلاوطني اختيار ڪري ملڪ کان ٻاهر ويو. 1989ع ۾ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت قائم ٿيڻ کان پوءِ وطن واپس موٽي آيو ۽ وزيراعظم جو صلاحڪار مقرر ٿيو.
== وزير اعلي جي حيثيت ==
جڏهن صدر غلام اسحاق خان، محترمه بينظير ڀٽو (شهيد) جي حڪومت ختم ڪئي ته ڄام صادق کي سنڌ جو نگران وڏو وزير مقرر ڪيو ويو. 1990ع واريون چونڊون به کٽيون ۽ نوازشريف جي دؤر ۾ کيس سنڌ جو وزيراعليٰ مقرر ڪيو ويو. هن جا وڏ وزارت دوران پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان سخت سياسي اختلاف رهيا. سندس دؤر ۾ الذوالفقار جي الزام هيٺ ڪيترا ڪارڪن گرفتار ٿيا. ڄام صادق علي کري ڳالهه ڪرڻ ۾ مشهور هو ۽ جيڪو به فيصلو ڪرڻو هوندو هوس، سو ڪري ڏيکاريندو هو. پوءِ ان جا ڀلي ڪهڙا به مثبت يا منفي نتيجا نڪرن. ڄام صادق علي 1991ع ۾ وڏي وزير هئڻ واري دؤر ۾ [[سنڌي ٻولي جو با اختيار ادارو|سنڌي لئنگئيج اٿارٽي]]ءَ جو سنڌ اسيمبليءَ مان بِل پاس ڪرائي، اُن جو قيام عمل ۾ آندو.
{{s-start}}
سِٽَ 34:
{{s-end}}
 
== سندس اولاد ==
ڄام صادق علي جي اولاد مان ڄام معشوق علي پڻ مختلف وزارتن تي رهي چڪو آهي. ان کان سواءِ سندس ڀائٽيو ڄام مدد علي ڪجهه عرصو سنڌ اسيمبليءَ ۾ ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ رهيو، ۽ جڏهن فنڪشنل ليگ ڇڏي پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيو تہ سنڌ اسيمبلي جي تڪ پي ايس جي سيٽ ڇڏڻي پيس ۽ ٻيهر اليڪشن م فنڪشنل ليگ اميدوار ڄام نفيس جي سامھون 20 اپريل 2017 تي حڪومت جي زور تي اليڪشن کٽي ٻيهر ايم پي اي ٿيو.
 
== ڪتاب ==
سنڌ جي تعليمي ماهر سيد غلام مصطفيٰ شاهه، ڄام صادق عليءَ جي زندگي ۽ سياست تي انگريزيءَ ۾ هڪ ڪتاب 1993ع ۾ لکيو هو. جنهن ۾ ڄام جي شخصيت، سوانح ۽ سياست جي ڄاڻ ملي ٿي.
 
== بيماري ۽ وفات ==
1992ع ۾ ڄام صادق علي شديد بيمار ٿي پيو، ۽ سيد مظفر حسين شاهه کي بين الصوبائي رابطن جو انچارج بڻائي پنهنجا اڪثر اختيار ان جي حوالي ڪيائين. ڪابينا جي اجلاسن جي صدارت ڪرڻ کان وٺي پاليسي فيصلن جا اختيار سيد مظفر شاهه حوالي رهيا. ان باوجود هيءُ پنهنجي عهدي تي برقرار رهيو ۽ ان عهدي تي موجودگيءَ دوران ئي، ڪينسر سبب ڪراچيءَ جي هڪ اسپتال ۾ داخل ٿيو ۽ 5 مارچ 1992ع تي ڪراچيءَ ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي وفات ڪيائين. کيس سندس اباڻي ڳوٺ ڄام نواز عليءَ ۾ دفن ڪيو ويو. سندس جنازي نماز ۾ اڳوڻي صدر غلام اسحاق خان، وزيراعظم نواز شريف، سنڌ جي گورنر محمود اي. هارون سميت اهم سياسي ۽ سماجي شخصيتن شرڪت ڪئي.
کانئس پوءِ سيد مظفر حسين شاهه کي 6 مارچ 1992ع تي سنڌ جو وڏو وزير مقرر ڪيو ويو.<ref>ڪتاب: [[انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا]]، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: [[سنڌي ٻولي جو با اختيار ادارو|سنڌي لئنگئيج اٿارٽي]] (ISBN 978-969-9098-80-2) سال: 2012</ref>
 
سِٽَ 48:
== حوالا ==
{{حوالا}}
 
[[زمرو:1898ع جون پيدائشون]]
[[زمرو:1992ع جون فوتگيون]]
[[زمرو:سنڌي ماڻھو]]