جين ڌرم: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
م خودڪار: اضافو زمرا +صفائي (14.9 core): + زمرو:جين ڌرم
سِٽَ 1:
[[عڪسفائل:Jain Prateek Chihna.svg|thumb|کاٻو|جين ڌرم جو مقدس نشان]]
 
'''جين ڌرم''' هندستان ۾ هندو ڌرم جي رد عمل ۾ جيڪي ٻه تحريڪون وجود ۾ آيون، سي ٻڌمت ۽ جين مت جون تحريڪون هيون. ٻُڌ ۽ جين تحريڪن اڳتي هلي، ٻن جُدا جُدا ڌرمن جي صورت اختيار ڪئي، يعني: ٻُڌ ڌرم ۽ جين ڌرم وجود ۾ آيا. جين ڌرم جي تحريڪ، ٻڌ ڌرم جي همعصر تحريڪ آهي، پر اُها ٻڌ ڌرم جي تحريڪ کان ٽيهه سال پوءِ شروع ٿي. ٻڌ ڌرم هندستان کانسواءِ ٻين ملڪن، جهڙوڪ: چين، جپان، ٿائلينڊ، ٿٻيٽ (Tibet)، برما وغيره ۾ به پکڙيو. جين ڌرم هند سان گڏ سنڌ جي به ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهتو. سنڌ ۾ جين ڌرم جا آثار ۽ اهڃاڻ، سڀ کان وڌيڪ ٿر واري علائقي ۾ ملن ٿا، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته هيءُ ڌرم ٿر ۾ وڌيڪ ڦهليو آهي. ٿر ۾ جين ڌرم جا آثار ۽ اهڃاڻ اڄ به سلامت آهن. پر انهن جو احوال ڏيڻ کان اڳ، جين ڌرم جو تعارف ڏجي ٿو.
سِٽَ 5:
لفظ ’جين‘، سنسڪرت ٻوليءَ جي لفظ ’جينا‘ مان ورتو ويو آهي. سنسڪرت ۾ ’جئه/ جي‘ جو مطلب آهي فتح ڪرڻ ۽ ’جينا‘ جي معنيٰ فاتح، تنهنڪري جين (Jain) کي ’فاتح‘ يا ’فتح ڪرڻ وارو‘ به چئي سگهجي ٿو. ٻين لفظن ۾ اهڙو شخص، جنهن پنهنجي پاڻ کي وس ۾ ڪيو ۽ ڇوٽڪارو يا نجات حاصل ڪئي هجي.
==مهاوير==
[[عڪسفائل:Mahavir.jpg|thumb|کاٻو|مهاوير]]
مهاوير، جنهن کي ورڌمان/ ورڌمن به سڏيو وڃي ٿو ۽ جيڪو جين مت جو چوويهون روحاني پيشوا/ تيرٿنڪر آهي، ان کي ’جين ازم جو ابو‘ سڏيو وڃي ٿو. سندس جنم 599 ق. م ڌاري چتراڪما ۾ ٿيو، جنهن جو نئون نالو اڄڪلهه ’چتراڪوٽ‘ آهي، جيڪو ڀارت جي مشهور شهر ’الهه آباد‘ کان 72 ڪلوميٽر اولهه طرف آهي. ورڌمان ننڍپڻ ۾ ئي فاني پڻي کي محسوس ڪري ورتو ۽ 30 ورهين جي ڄمار ۾ اوتار بنجي ويو. کيس اندر جي روشني عطا ٿي، ۽ ان وقت کان وٺي ماڻهن ۾ هن عقيدي جي پرچار شروع ٿي. مهاوير جو انتقال ويشالي جي ڳوٺ پاوا (موجوده بهار) ۾ 72 سالن جي عمر ۾، 527 ق. م جي وچ ڌاري ٿيو.
==اوتار==
سِٽَ 69:
* [[گوري مندر، نگرپارڪر]]
 
[[زمرو:جين ڌرم]]
[[زمرو:پاڪستان ۾ جين ڌرم]]