عبدالمجيد چانڊيو: جي ورجائن ۾ تفاوت
ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار |
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار |
||
سِٽَ 9:
==علمي ۽ ادبي خدمتون==
ڊاڪٽر عبدالمجيد ايم اي ڪرڻ بعد سنڌ يونيورسٽي جي [[شاھ عبداللطيف يونيورسٽي]] ڪئمپس [[خيرپور]] ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. 1987ع ۾ شاھ لطيف ڪئمپس کي يونيورسٽي جو درجو ملڻ کانپوءِ هو ان يونيورسٽيءَ جو پهريون استاد هو جنهن کي ڊاڪٽر جي تعليمي ڊگريءَ لاءِ روس موڪليو ويو. 1992ع ۾ اڳوڻي سوويت يونين جي يوڪرائين (موجوده يوڪرائين) جي گادي واري شهر ڪيف جي تاراس شيفچينڪو اسٽيٽ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف انٽرنيشنل رليشنز اينڊ لا مان “بين الاقوامي لاڳاپا ۽ پرڏيهي پاليسي جي تاريخ” تي پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائين. ڊگري کان ترت پوءِ سندس پروفيسرن جي آڇ تي ڪجھ عرصي لاءِ ماسڪو ۾ انسٽيٽيوٽ آف اورينٽل اسٽيڊيز اڪيڊمي آف سائنسز يو ايس ايس آر هاڻوڪو انسٽيٽيوٽ آف اوريئنٽل اسٽڊيز رشين اڪيڊمي آف سائنسز ۾ ڏکڻ ايشيا جي معاملن بابت جڳ مشهور برک روسي اسڪالر پروفيسر ولاديمير نڪولائيوچ ماسڪالينڪو (V.N. Moskalenko) ۽ پروفيسر وياچيسلاف يوريوچ بيلوڪرينيٽسڪي (Vyacheslav Y. Belokrenitsky) سان گڏ تحقيقي ڪم ڪيو. پوءِ واپس اچي خيرپور يونيورسٽي ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيڻ شروع ڪيائين. 2005ع ۾ بين الاقوامي تعلقات جي شعبي ۾ وڌيڪ تعليم لاءِ برطانيا روانو ٿيو جتي يونيورسٽي آف مانچيسٽر ۾ سياست جي شعبي جي سربراھ پروفيسر ڊيوڊ فيرل جي رهنمائي ۾” ڏکڻ ايشيا ۾ روس جون پاليسيون“ جي عنوان تي پوسٽ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري لاءِ تحقيق مڪمل ڪري ڏيھ واپس اچي شاھ عبداللطيف يونيورسٽي ۾ بين الاقوامي لاڳاپن واري شعبي جو چيئرمين مقرر ٿيو.<ref>https://tribune.com.pk/story/951000/sindhs-key-role-khairpur-varsity-holds-seminar/?amp=1 </ref> شعبي جي سندس سربراهي دوران بين الاقوامي لاڳاپن واري شعبي کي انسٽيٽيوٽ جو درجو مليو. ان سان گڏ ٻيا مختلف شعبا جهڙوڪ علم سياسيات، پبلڪ ايڊمنسٽريشن، ميڊيا اسٽيڊيز ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو اسڪول آف لا جا شعبا قائم ڪرايا ئين
==حوالا==
|