عبدالمجيد چانڊيو: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سِٽَ 5:
 
==تعليم==
پروفيسر بنيادي تعليم ڳوٺ ستاڻي چانڊيو جي پرائمري اسڪول ۾ حاصل ڪئي. هن مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول گوزو ۽ انٽرميڊيئيٽ مسلم ڪاليج حيدرآباد منجهان پاس ڪيايائين. هن [[سنڌ يونيورسٽي]] جي شعبي بين الاقوامي تعلقات ۾ بي اَي آنرز ۾ ٻين پوزيشن ۽ ايم اَي پهرين پوزيشن ۾ پاس ڪئي.هن اعلي تعليم [[روس]] ۽ [[لنڊن]] مان حاصل ڪئي<ref name=":0" />
 
==علمي ۽ ادبي خدمتون==
ڊاڪٽر عبدالمجيد ايم اي ڪرڻ بعد سنڌ يونيورسٽي جي شاھ عبداللطيف يونيورسٽي ڪئمپس خيرپور ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. 1987ع ۾ شاھ لطيف ڪئمپس کي يونيورسٽي جو درجو ملڻ کانپوءِ هو ان يونيورسٽيءَ جو پهريون استاد هو جنهن کي ڊاڪٽر جي تعليمي ڊگريءَ لاءِ روس موڪليو ويو. 1992ع ۾ روس جي يوڪرائين جي گادي واري شهر ڪيف جي تاراس شيفچينڪو يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف انٽرنيشنل رليشنز اينڊ لا مان “بين الاقوامي لاڳاپا ۽ پرڏيهي پاليسي جي تاريخ” تي پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائين. ڊگري کان ترت پوءِ سندس پروفيسرن جي آڇ تي ڪجھ عرصي لاءِ ماسڪو ۾ انسٽيٽيوٽ آف اورينٽل اسٽيڊيز اڪيڊمي آف سائنسز يو ايس ايس آر هاڻوڪو انسٽيٽيوٽ آف اوريئنٽل اسٽڊيز رشين اڪيڊمي آف سائنسز ۾ ڏکڻ ايشيا جي معاملن بابت جڳ مشهور برک روسي اسڪالر پروفيسر ولاديمير نڪولائيوچ ماسڪالينڪو (V.N. Moskalenko) ۽ پروفيسر وياچيسلاف يوريوچ بيلوڪرينيٽسڪي (Vyacheslav Y. Belokrenitsky) سان گڏ تحقيقي ڪم ڪيو. پوءِ واپس اچي خيرپور يونيورسٽي ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيڻ شروع ڪيائين. 2005ع ۾ بين الاقوامي تعلقات جي شعبي ۾ وڌيڪ تعليم لاءِ برطانيا روانو ٿيو جتي يونيورسٽي آف مانچيسٽر ۾ سياست جي شعبي جي سربراھ پروفيسر ڊيوڊ ڦريل جي رهنمائي ۾” ڏکڻ ايشيا ۾ روس جون پاليسيون“ جي عنوان تي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري لاءِ تحقيق مڪمل ڪري ڏيھ واپس اچي شاھ عبداللطيف يونيورسٽي ۾ بين الاقوامي لاڳاپن واري شعبي جو چيئرمين مقرر ٿيو.<ref>https://tribune.com.pk/story/951000/sindhs-key-role-khairpur-varsity-holds-seminar/?amp=1 </ref> شعبي جي سندس سربراهي دوران بين الاقوامي لاڳاپن واري شعبي کي انسٽيٽيوٽ جو درجو مليو. ان سان گڏ ٻيا مختلف شعبا جهڙوڪ علم سياسيات، پبلڪ ايڊمنسٽريشن، ميڊيا اسٽيڊيز ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو اسڪول آف لا جا شعبا قائم ڪرايا ئين. انهن شعبن ۾ باني سربراھ جي حيثيت سان ڪم ڪيائين. ڊاڪٽر عبدالمجيد 2016ع ۾ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي سوشل سائنسز فئڪلٽي جي ڊين جي عهدي تان رٽائر ٿيو. ڊاڪٽر عبدالمجيد چانڊيو جي نگراني ۾ سندس شعبي ۾ ڪيترن ئي شاگردن ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جون ڊگريون حاصل ڪيون.<ref>{{حوالو_ويب|url=https://www.pressreader.com/pakistan/daily-messenger/20170226/281921657824438|title=PressReader.com - Your favorite newspapers and magazines.|website=www.pressreader.com|access-date=2020-05-10}}</ref> هيءُ سنڌ حڪومت جي تعليم واري کاتي ۾ ڊپٽي سيڪريٽري ۽ بعد ۾ ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليمي بورڊ حيدرآباد جو سيڪريٽري پڻ رهيو. پروفيسر ڊاڪٽر عبدالمجيد چانڊيو عالمي سياست ۽ بدلجندڙ سياسي صورتحال تي گهرر نظر رکي ٿو.<ref>{{حوالو_ويب|url=https://www.thenews.com.pk/print/81772-Sindh-Culture-Day-celebrated-with-fervour|title=Sindh Culture Day celebrated with fervour|website=www.thenews.com.pk|language=en|access-date=2020-05-10}}</ref> هن ان سلسلي ۾ سنڌي ، اردو ۽ انگريزي اخبارن ۾ ڪيترائي ڪالم پڻ لکيا آهن.<ref name=":0" /><ref>{{حوالو_ويب|url=https://awamiawaz.pk/451442/|title=ڪارڪن لاءِ سمورن عملن جي ڄاڻ ضروري آهي: جلال شاهه|date=2019-10-28|website=Awami Awaz|language=ur|access-date=2020-05-10}}</ref><ref>{{حوالو_ويب|url=https://www.pakistantoday.com.pk/2019/02/10/event-held-to-commemorate-asma-jahangirs-achievements/|title=Event held to commemorate Asma Jahangir's achievements - Pakistan Today|website=www.pakistantoday.com.pk|access-date=2020-05-10}}</ref>