عبدالمجيد چانڊيو: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: پروفيسر عبدالمجيد چانڊيو
 
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سِٽَ 1:
پروفيسر ڊاڪٽر عبدالمجيد چانڊيو (انگريزي:Abdul Majeed Chandio) سنڌ پاڪستان ۾ جنم وٺندڙ ليکڪ ۽ پروفيسر آهي.
==زندگي جو احوال ==
ڊاڪٽر عبدالمجيد چانڊيو 5 ڊسمبر 1956ع ۾ دادو ضلعو جي تعلقو خيرپور ناٿن شاه جي ڳوٺ ستاڻي چانڊيو ۾ ناليواري حڪيم ۽ محقق خليفي حڪيم عبدالحميد چانڊيو جي گھر ۾ ٿيو.
==تعليم==
پروفيسر بنيادي تعليم ڳوٺ ستاڻي چانڊيو جي پرائمري اسڪول ۾ حاصل ڪئي. هن مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول گوزو ۽ انٽرميڊيئيٽ مسلم ڪاليج حيدرآباد منجهان پاس ڪيايائين. هن سنڌ يونيورسٽي جي شعبي بين الاقوامي تعلقات ۾ بي اَي آنرز ۾ ٻين پوزيشن ۽ ايم اَي پهرين پوزيشن ۾ پاس ڪئي.
==علمي ۽ ادبي خدمتون==
ڊاڪٽر عبدالمجيد ايم اي ڪرڻ بعد سنڌ يونيورسٽي جي شاھ عبداللطيف يونيورسٽي ڪئمپس خيرپور ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. 1987ع ۾ شاھ لطيف ڪئمپس کي يونيورسٽي جو درجو ملڻ کانپوءِ هو ان يونيورسٽيءَ جو پهريون استاد هو جنهن کي ڊاڪٽر جي تعليمي ڊگريءَ لاءِ روس موڪليو ويو. 1992ع ۾ روس جي يوڪرائين جي گادي واري شهر ڪيف جي تاراس شيفچينڪو يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف انٽرنيشنل رليشنز اينڊ لا مان “بين الاقوامي لاڳاپا ۽ پرڏيهي پاليسي جي تاريخ” تي پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائين. ڊگري کان ترت پوءِ سندس پروفيسرن جي آڇ تي ڪجھ عرصي لاءِ ماسڪو ۾ انسٽيٽيوٽ آف اورينٽل اسٽيڊيز اڪيڊمي آف سائنسز يو ايس ايس آر هاڻوڪو انسٽيٽيوٽ آف اوريئنٽل اسٽڊيز رشين اڪيڊمي آف سائنسز ۾ ڏکڻ ايشيا جي معاملن بابت جڳ مشهور برک روسي اسڪالر پروفيسر ولاديمير نڪولائيوچ ماسڪالينڪو (V.N. Moskalenko) ۽ پروفيسر وياچيسلاف يوريوچ بيلوڪرينيٽسڪي (Vyacheslav Y. Belokrenitsky) سان گڏ تحقيقي ڪم ڪيو. پوءِ واپس اچي خيرپور يونيورسٽي ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيڻ شروع ڪيائين. 2005ع ۾ بين الاقوامي تعلقات جي شعبي ۾ وڌيڪ تعليم لاءِ برطانيا روانو ٿيو جتي يونيورسٽي آف مانچيسٽر ۾ سياست جي شعبي جي سربراھ پروفيسر ڊيوڊ ڦريل جي رهنمائي ۾” ڏکڻ ايشيا ۾ روس جون پاليسيون“ جي عنوان تي تحقيق مڪمل ڪري ڏيھ واپس اچي شاھ عبداللطيف يونيورسٽي ۾ بين الاقوامي لاڳاپن واري شعبي جو سربراھ مقرر ٿيو. شعبي جي سندس سربراهي دوران بين الاقوامي لاڳاپن واري شعبي کي انسٽيٽيوٽ جو درجو مليو. ان سان گڏ ٻيا مختلف شعبا جهڙوڪ علم سياسيات، پبلڪ ايڊمنسٽريشن، ميڊيا اسٽيڊيز ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو اسڪول آف لا جا شعبا قائم ڪرايا ئين. انهن شعبن ۾ باني سربراھ جي حيثيت سان ڪم ڪيائين. ڊاڪٽر عبدالمجيد 2016ع ۾ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي سوشل سائنسز فئڪلٽي جي ڊين جي عهدي تان رٽائر ٿيو. ڊاڪٽر عبدالمجيد چانڊيو جي نگراني ۾ سندس شعبي ۾ ڪيترن ئي شاگردن ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جون ڊگريون حاصل ڪيون. هيءُ سنڌ حڪومت جي تعليم واري کاتي ۾ ڊپٽي سيڪريٽري ۽ بعد ۾ ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليمي بورڊ حيدرآباد جو سيڪريٽري پڻ رهيو. پروفيسر ڊاڪٽر عبدالمجيد چانڊيو عالمي سياست ۽ بدلجندڙ سياسي صورتحال تي گهرر نظر رکي ٿو. هن ان سلسلي ۾ سنڌي ، اردو ۽ انگريزي اخبارن ۾ ڪيترائي ڪالم پڻ لکيا آهن.