يارو لاکير (يو سي): جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
(ڪو بہ تفاوت ڪونھي)

ورجاءُ بمطابق 07:42, 10 مَئي 2020ع


يو سي 43 يارو لاکير (انگريزي: U C 43 Yaroo Lakhair) سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا ڏوڪري تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي ڏوڪري جي يو سي 7 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 19,512 آهي[1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ ھڪ وڏو ڳوٺ آهي ۽ ان يو سي جو صدر مقام آھي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ لاکير، ميربحر، ماڇي، سارگاڻي، ڪلھوڙا ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي علائقن ۾ ڳوٺ وڌا، ڳوٺ يارو لاکير، ڳوٺ عثمان ڪلھوڙو، ڀوري جا ڀاڻ، ڳوٺ صوبدار سارگاڻي، ديھ جادم ڪلھوڙو (آبادي 6,100), ديھ قبولو (آبادي 5,194)، ديھ يارو لاکير (آبادي 8,018) ۽ ٻيا شامل آهن.

يارو لاکير
يو سي 43 يارو لاکير
يونين ڪاؤنسل
ڏوڪري تعلقي جي يو سي 7
يارو لاکير is located in سنڌ
يارو لاکير
يارو لاکير
يارو لاکير is located in Pakistan
يارو لاکير
يارو لاکير
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°N 68°E / 27°N 68°E / 27; 68مڪانيت: 27°N 68°E / 27°N 68°E / 27; 68
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو لاڙڪاڻو ضلعو
تعلقو ڏوڪري تعلقو
آبادي (2017)
 • ڪل 19,512

ڪائونسل

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين واجد علي لاکير ۽ وائيس چيئرمين غلام مرتضي سارگاڻي چونڊجي آيا جن جو تعلق پاڪستان پيپلزپارٽي سان ھيو[2]..ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ وڌا جو محرم ماڇي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جيڪو پاڪستان پيپلزپارٽي جو اميدوار ھيو

تعليم ۽ صحت جون سهولتون

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري تعليم جي سھولت ميسر آهي. سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري ايجوڪيشن لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون

ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.

حوالا

  1. http://www.pbs.gov.pk/sites/default/files/bwpsr/sindh/LARKANA_BLOCKWISE.pdf
  2. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/