سامٽيا (ڏوڪري): جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: {{Infobox settlement | name = سامٽيا | official_name = ڏوڪري تعلقي جي يو سي 6 | native_name = يو سي 42 سامٽي...
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
(ڪو بہ تفاوت ڪونھي)

ورجاءُ بمطابق 07:24, 10 مَئي 2020ع


يو سي 42 سامٽيا (انگريزي: U C 42 Samtia) سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا ڏوڪري تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي ڏوڪري جي يو سي 6 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 5,478 آهي[1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ سامٽيا ھڪ وڏو ڳوٺ آهي ۽ ان يو سي جو صدر مقام آھي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ جوڻيجا، ڪانڌڙا، جسڪاڻي، سومرا، گاڏھي، ھيسباڻي، ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي علائقن ۾ ديھ کوھ نئورنگ (آبادي 2,326)، ديھ سامٽيا (آبادي 3,152)، ڳوٺ نئورنگ، ڳوٺ سامٽيا، ڳوٺ سائين ڏنو جوڻيجو، ڳوٺ علي خان جسڪاڻي، ڳوٺ گل محمد ھيسباڻي، ڳوٺ سونو خان گاڏھي، ڪوٽ قبوليو ۽ ٻيا شامل آهن.

سامٽيا
يو سي 42 سامٽيا
يونين ڪاؤنسل
ڏوڪري تعلقي جي يو سي 6
سامٽيا is located in سنڌ
سامٽيا
سامٽيا
سامٽيا is located in Pakistan
سامٽيا
سامٽيا
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°14′20″N 68°01′23″E / 27.23889°N 68.02306°E / 27.23889; 68.02306مڪانيت: 27°14′20″N 68°01′23″E / 27.23889°N 68.02306°E / 27.23889; 68.02306
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو لاڙڪاڻو ضلعو
تعلقو ڏوڪري تعلقو
آبادي (2017)
 • ڪل 5,478

ڪائونسل

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين زوھيب علي گاڏھي ۽ وائيس چيئرمين رانجھو خان چونڊجي آيا جن جو تعلق پاڪستان پيپلزپارٽي سان ھيو[2]..ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ سامٽيا جو محمد بخش ڪانڌڙو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جيڪو پاڪستان پيپلزپارٽي جو اميدوار ھيو

تعليم ۽ صحت جون سهولتون

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري تعليم جي سھولت ميسر آهي. سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري ايجوڪيشن لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون

ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.

حوالا

  1. http://www.pbs.gov.pk/sites/default/files/bwpsr/sindh/LARKANA_BLOCKWISE.pdf
  2. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/