پيسفڪ سمنڊ: جي ورجائن ۾ تفاوت

←‏ماحول: اسٽائيل کي بهتر ڪيو
(←‏پاسا: اسٽائيل کي بهتر ڪيو)
ٽيگَ: 2017ع ذريعو سنوار
(←‏ماحول: اسٽائيل کي بهتر ڪيو)
ٽيگَ: 2017ع ذريعو سنوار
 
==ماحول==
پئسفڪ سمنڊ ۾ هلندڙ تجارتي هوائن جو دارومدار اوڀر خط استوائي هوائن جي گهيرن ۽ چڪرن تي آهي. اوڀر پئسفڪ ڀاڱي واريون تجارتي هوائون خشڪيءَ ڏانهن ٿڌيون هيرون موڪلين ٿيون. پئسفڪ سمنڊ ۾ لڳندڙ تجارتي هوائن جي سراسري رفتار تيرهن ناٽيڪل ميل آهي. فضائي ڪيفيت تقريباً سٺي رهي ٿي ۽ جزوي طور ڪٿي ڪٿي هلڪن ڪڪرن جا ننڍا ننڍا ميڙ موجود هوندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن هنن تجارتي هوائن دوران سخت ڀيانڪ طوفان به لڳندا آهن. اولهه پئسفڪ سمنڊ ۾ اٿندڙ هن قسم جي طوفانن کي ٽائيفون (Typhoon) سڏيندا آهن. سامونڊي پاڻيءَ جي وهڪرن جو دارومدار پاڻيءَ ۾ لوڻ جي مقدار ۽ گرميءَ جي درجي تي هوندو آهي. سمنڊ جي تري ۾ پاڻي تمام گهاٽو ۽ سطح تي تمام ڇڊو ٿيندو آهي. انهيءَ صورتحال جو مکيه سبب گرميءَ جو درجو ٿئي ٿو. تري ۾ پاڻي تمام ٿڌو هئڻ سبب گهاٽو هوندو آهي ۽ مٿاڇري تي اهو گرم ۽ ڇڊو هوندو آهي.
 
==واپار==
پئسفڪ سمنڊ جي ماهيگيريءَ ۾ جپان سڀني ملڪن کان اڳتي آهي. پئسفڪ سمنڊ جي ڪنارن تي آباد قبيلن ۽ قومن سمنڊ شناسيءَ جي ڪوشش گهٽ ڪئي هئي. جيتوڻيڪ انهن ماڻهن پنهنجون تهذيبون ۽ ثقافتون اجاگر ۽ روشن ڪيون هيون، نتيجي ۾ پئسفڪ سمنڊ جي سڃاڻپ يورپي ماڻهن کي سورهين عيسويءَ صديءَ دوران ميسر ٿي. تنهن کان پوءِ يورپي لوڪن پئسفڪ سمنڊ کي اوڀر جي ملڪن (جتي گرم مصالحن جو تمام وڏو ذخيرو موجود هو) تائين پهچڻ لاءِ آسان ذريعي طور استعمال ڪيو.<ref>ڪتاب: [[انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا]]، جلد ٽيون، ڇپيندڙ: [[سنڌي ٻولي جو با اختيار ادارو|سنڌي لئنگئيج اٿارٽي]] (ISBN: 978-969-9098-40-6) سال: 2011 </ref>
٣٣٬١٧٠

سنوارون