پيسفڪ سمنڊ: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
←‏پکيڙ: اسٽائيل کي بهتر ڪيو
ٽيگ: 2017ع ذريعو سنوار
←‏پاسا: اسٽائيل کي بهتر ڪيو
ٽيگ: 2017ع ذريعو سنوار
سِٽَ 9:
 
==پاسا==
پئسفڪ سمنڊ جو اُڀرندو ڪنارو آمريڪا جي ڪارڊيليران جابلو سلسلي (Cardilleran Mountain System) سان لاڳاپيل آهي. هي جابلو سلسلو اتر ۾ الاسڪا کان ٽيراڊل فيوگو تائين پکڙيل آهي. ان جي سر اتر ۽ سر ڏکڻ وارن پهاڙي ڪنارن کي ڇڏي، باقي سمورو ساحل هڪ ساريڪو آهي. انهيءَ جي ابتڙ هن جو الهندو يعني ايشيا وارو ساحل بناوت ۾ ساريڪو ((Regular ڪونهي.
پئسفڪ وڏي سمنڊ جي هن الهندي ساحل يعني ايشيا واري ڀاڱي سان هن کنڊ جا ڪيترائي علائقائي سمنڊ ڳانڍاپيل آهن. جهڙوڪ: جاپاني سمنڊ، پيلو سمنڊ، اڀرندو چيني سمنڊ ۽ ڏکڻ چيني سمنڊ وغيره. اوڀر ايشيا جي مشهور وڏين ندين مثلاً آمر (Amur) يا آمون درياهه، پيلو درياهه، يانگزي ندي، سيچيانگ ندي ۽ ميڪانگ ندين جو پاڻي مذڪوره لاڳيتي علائقائي سمنڊ معرفت اڻ سڌي طرح پئسفڪ سمنڊ ۾ داخل ٿئي ٿو.
نيوزيلينڊ ۽ اوڀر آسٽريليا جي وچ ۾ ميڪئري رج (Macquarie ridge) زير آب پهاڙي سلسلو آهي. هي پاڻيءَ ۾ لڪل پهاڙي سلسلو پئسفڪ سمنڊ ۽ هندي سمنڊ جي سرحد طور ڳڻيو وڃي ٿو. الهندي پئسفڪ ڀاڱي ۾ زير آب پهاڙيءَ سلسلو جهڙوڪر چؤطرف پکڙيل آهي.
 
==ماحول==
پئسفڪ سمنڊ ۾ هلندڙ تجارتي هوائن جو دارومدار اوڀر خط استوائي هوائن جي گهيرن ۽ چڪرن تي آهي. اوڀر پئسفڪ ڀاڱي واريون تجارتي هوائون خشڪيءَ ڏانهن ٿڌيون هيرون موڪلين ٿيون. پئسفڪ سمنڊ ۾ لڳندڙ تجارتي هوائن جي سراسري رفتار تيرهن ناٽيڪل ميل آهي. فضائي ڪيفيت تقريباً سٺي رهي ٿي ۽ جزوي طور ڪٿي ڪٿي هلڪن ڪڪرن جا ننڍا ننڍا ميڙ موجود هوندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن هنن تجارتي هوائن دوران سخت ڀيانڪ طوفان به لڳندا آهن. اولهه پئسفڪ سمنڊ ۾ اٿندڙ هن قسم جي طوفانن کي ٽائيفون (Typhoon) سڏيندا آهن. سامونڊي پاڻيءَ جي وهڪرن جو دارومدار پاڻيءَ ۾ لوڻ جي مقدار ۽ گرميءَ جي درجي تي هوندو آهي. سمنڊ جي تري ۾ پاڻي تمام گهاٽو ۽ سطح تي تمام ڇڊو ٿيندو آهي. انهيءَ صورتحال جو مکيه سبب گرميءَ جو درجو ٿئي ٿو. تري ۾ پاڻي تمام ٿڌو هئڻ سبب گهاٽو هوندو آهي ۽ مٿاڇري تي اهو گرم ۽ ڇڊو هوندو آهي.