ھرمان گوئرنگ: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سِٽَ 122:
 
'''ھرمان ولھيم گوئرنگ'''{{ٻيا نالا|انگريزي= '''Hermann Wilhelm Goring'''}}(جنم: 12 جنوري 1893 ۽ وفات: 15 آڪٽوبر 1946 ) جرمني جو سياسي ۽ فوجي اڳواڻ ھيو جيڪو 1933 کان 1945 تائين جرمني تي حڪومت ڪندڙ نازي پارٽي ۾ ھڪ طاقتور شخصيت ھيو. پھرين جنگ عظيم جو جھونو ويڙھاڪ پائليٽ جنھن کي [[بلو ميڪس]] (Pour le Mérite) نالي اعزاز پڻ ملي چڪو ھو. نازي پارٽي جو شروعات وارو رڪن ھيو جيڪو 1923ع واري بغاوت ۾ پڻ شامل ٿيو ھو ۽ زخمي ٿي پيو ھو. علاج دوران کيس مارفين واپرائڻ جي عادت پئي جيڪا مرڻ گھڙيءَ تائين جاري رھيس. 1933ع ۾ جڏھن ھٽلر جرمني جو چانسلر ٿيو تہ گئورنگ ڪابينه جو رڪن ٿيو پر کيس ڪوبہ کاتو نہ ڏنو ويو هو پر کيس گسٽاپو جي قيام واري مرحلي جي نگراني جو ڪم ڏنو ويو ۽ ھن گسٽاپو 1934 م [[ھينرخ ھملر]] جي حوالي ڪئي ھئي. نازي رياست جي قيام بعد گوئرنگ رياست جو ٻيون نمبر طاقتور ماڻھو ھيو. ھي جرمني جي ھوائي فوج [[لفتويف]] جو ڪمانڊر پڻ مقرر ٿيو ۽ نازي رياست جي خاتمي تائين ان عھدي تي برقرار رھيو.
 
==خاندان، تعليم ۽ نوڪري==
ھيءُ جرمنيءَ جي بئويريا صوبي جي ڳوٺ روزنھيم ۾ 12 جنوري 1893ع تي ڄائو ھو<ref name="جي ايم سيد" />. ھن جو پيءَ ڏکڻ الھندي آفريڪا جي جرمن ڪالونيءَ ۾ گورنر جنرل ھو<ref name="جي ايم سيد" />. اھڙيءَ طرح وڏي بيٺل خاندان جي فرد ھئڻ سبب، ھيءُ بھترين تعليم حاصل ڪري، 21 سالن جي عمر ۾، جرمن فوج جي ھوائي جھازن واري شعبي ۾ نوڪريءَ ۾ گھڙيو. اُتي ھو 1915ع ڌاري اسڪواڊرن ليڊر ٿيو<ref name="جي ايم سيد" />. پھرينءَ مھاڀاري لڙائيءَ جي وقت ھن مخالفن جا ٽيويھ (23) ھوائي جھاز ڪيرايا ھئا، جنھن ڪري ھن کي وڏو تمغو انعام مليو ھو<ref name ="جي ايم سيد " > ڪتاب جو نالو: جديد عالمي سياست مصنف: جي ايم سيد؛ ڇپائيندڙ: سنڌي اديبن جي ڪوآپريٽو سوسائٽي لميٽڊ، حيدرآباد
شايع ٿيڻ جو سال: 1978- [https://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=462] </ref>.