يوسف (اسلام): جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سِٽَ 61:
{{quote|تڏھن ان عورت سندس ڪڙتي کي پڪڙي چيو تہ مون سان ھمبستري ڪر. اھو پنھنجو ڪڙتو ان جي ھٿ ۾ ڇڏي ڀڳو ۽ ٻاھر نڪري آيو....ان گھر جي ماڻھن کي سڏي چيو تہ... ..ھي مونسان ھمبستري ڪرڻ لاء اندر گھري آيو ۽ مان وڏي آواز رڙيون شروع ڪيون ۽ جڏهن ھن ڏٺو تہ مان رڙيون شروع ڪيون آھن تہ پنھنجو ڪڙتو ڇڏي ڀڳو ۽ ٻاھر نڪري ويو ۽ مان ان جو ڪڙتو آقا جي اچڻ تائين پاڻ وٽ رکي ڇڏيو ... جڏھن ان جي آقا پنھنجي زال جون اھي ڳالھيون ٻڌيون جيڪي ان ساڻس ڪيون تہ تنھنجي غلام مونسان ھيئن ھيئن ڪيو تہ ان کي سخت ڪاوڙ آئي ۽ يوسف جي آقا کيس قيد خاني م بند ڪري ڇڏيو جتي بادشاهه جا قيدي بند ڪيل ھيا.|بائيبل، پيدائش 39: 12 کان 20|}}
تلمود مطابق جڏھن فوطيفار زال جي شڪايت ٻڌي تہ ان يوسف کي ڏاڍو ڪٽرايو ۽ پوء ان خلاف عدالت ۾ دانھن ڪئي ۽ قميص کي ڏسي ڪري فيصلو ڏنو تہ قصور عورت جو ھيو<ref name="مودودي" />. باوجود بي گناھ ھجڻ جي ان کي قيد م بيگناه بند ڪيو ويو. مولانا ابوالاعلي مودودي مطابق ڪنھن بہ شخص کي انصاف جي شرطن تي مجرم ثابت ڪرڻ کان بغير پڪڙي جيل م موڪلڻ بي ايمان حاڪمن جي پراڻي سنت آھي<ref name="مودودي" />.
قرآن مطابق ساڻس گڏ ٻہ ٻيا غلام پڻ قيد خاني م داخل ٿيا. ھڪ ڏينھن انھن مان ھڪ يوسف عليہ السلام کي چيو تہ ته مان خواب ۾ ڏٺو آھي تہ مان شراب ٺاھي رھيو آھيان. ٻئي چيو تہ خواب ۾ منھنجي مٿي تي مانيون رکيل آھن ۽ پکي انھن کي کائي رھيا آھن. ٻنھي يوسف کان ان جو تعبير پڇيو. يوسف پھرين کي چيو تہ تون پنھنجي بادشاھ کي شراب پياريندين ۽ ٻئين کي چيو تہ توکي ڦاھي ڏني ويندي ۽ پکي تنھنجي مٿي کي پٽي کائيندا. بائيبل مطابق انھن ٻنھي شخصن ۾ ھڪ شاھ مصر جي ساقين جو نگران ھيو ۽ ٻيو بادشاه جي نانوائين جو نگران ھيو ۽ ٻئي ڪم ۾ ڪوتاهي جي ڪري جيل ۾ وڌا ويا ھيا<ref name="مودودي" />. انھن مان پھريون بچي پنھجي ساڳي نوڪري تي بحال ٿيو باقي ٻيو ڦاھي چڙھيو. قرآن مطابق ھڪ دفعي بادشاھ خواب ڏٺو تہ ستن ٿلھين ڳئن کي ست ڏٻريون ڳئون کائي رھيون آھن ۽ اناج جون ست وليون سايون آھن ۽ ست وليون سڪيون آھن. بادشاھ اھو خواب درٻارين آڏو رکيو پر اھي ان جو تعبير ٻڌائڻ کان قاصر ھيا. بادشاھ جي ساقيخاني جي نگران کي جيل م يوسف عليہ السلام جي خوابن جي تعبير واري ڳالھ ياد اچي وئي. ان تعبير جي حامي ڀري يوسف عليہ السلام وٽ قيد م ملاقات جي گھر ڪئي. يوسف عليہ السلام کيس تعبير ٻڌايو ته
قيدخاني جو آفيسر هن جو معتقد ٿي ويو هو ۽ قيدخاني ۾ حضرت يوسف جو اثر رسوخ قائم ٿي چڪو هو<ref name="ابوالڪلام آزاد" />. ھن قيد ۽ عيش واري گناھ مان قيد کي چونڊيو. قيد م دين جي تبليغ جاري رکي. جيئن ئي کيس معلوم ٿيو ته انهن ماڻهن مان هڪ بادشاهه جي ساقين جو سردار آهي ۽ وري ساڳي عهدي تي ڪم ڪرڻ وارو آهي ۽ هر وقت بادشاهه جي خدمت ۾ رهڻ وارو آهي، ڪيترو نه سٺو ٿيندو جو حق جي دعوت بادشاهه جي ڪنن تائين پهچائي ڇڏجي. اهڙي طرح تعبير بيان ڪرڻ بعد فرمايائون <ref name="ابوالڪلام آزاد" /> :
{{quote| ”جڏهن پنهنجي آقا وٽ وڃين ته مون کي ياد ڪجانءِ. يعني منهنجي هيءَ تعليم ۽ دعوت حق ياد رکجانءِ ۽ پنهنجي آقا سان موقعو وٺي ان جو ذڪر ڪجانءِ. ممڪن آهي ته حق جي پيغام کي قبول ڪري وٺي.“| (يوسف-42) |}}