يوسف (اسلام): جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سِٽَ 58:
يوسف عليہ السلام 17 يا 18 سالن جي عمر ۾ مصر آندو ويو ۽ وڪري بعد ٻہ يا ٽي سال کن عزيز مصر جي گھر رھيو<ref name="مودودي" />. عزيز جي زال جو نالو زليخا ھيو جيڪا ھن جي سونھن تي موھجي پئي. قرآن م زليخا نالي جو ذڪر ڪانھي ۽ اھو نالو اصل ۾ تلمود م لکيل آهي ۽ مسلمانن جي روايتن ۾ پڻ مشھور ٿيو<ref name="مودودي" />. قرآن ۾ ڏنل قصي ۽ ان جي تفسير ۾ بيان ڪيل روايتن مطابق زليخا مڙس جي غير موجودگيءَ ۾ ريجھائڻ جي ڪوشش ڪئي تہ عزيز جي گهر واري جي دعوتِ عيش جي جواب ۾ چيائين تہ:<ref> (منهنجي مالڪ ته مون کي سٺي منزلت بخشي - القرآن، سورة يوسف :23) </ref> تنهنجو مڙس منهنجو مالڪ آهي، هن مون تي اعتماد ڪيو، عزت ۽ احترام سان پيش آيو، پوءِ ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته ان جي احساسن جو بدلو اهو ڏيان جو ان جي امانت ۾ خيانت ڪرڻ لڳان! ان بعد جڏهن زليخا ھن سان زبردستي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تہ ھي بچڻ خاطر ڀڳو پر زليخا ان جي ڪڍ رھي. جڏھن ڀڄندي ٻاھريون دروازو کوليو تہ عزيز اتي موجود ھيو. زليخا الٽو مٿس الزام ھنيو پر يوسف ترديد ڪندي زليخا تي الزام لڳايو. عزيز مصر کيس زليخا واري الزام تي گرفتار ڪرايو. اھڙي طرح ھن کي بيگناه ھوندي قيد م رھڻو پيو. قرآن ۾ ان واقعي جو ذڪر ھيٺين طرح ڪيو ويو:
{{quote| ۽ ٻئي دروازي ڏانھن ڊوڙيا ۽ مائيءَ ان (يُوسف) جو پھراڻ پٺيءَ کان (ڇڪ ڏيندي) ڦاڙي وڌو ۽ سندس مڙس کي دروازي وٽ مليا، (زليخا) چوڻ لڳي تہ جيڪو تنھنجي گھر واريءَ سان مدائي ڪرڻ جو ارادو ڪري تنھن جي سزا قيد ڪرڻ يا ڏکوئيندڙ عذاب کانسواءِ (ٻي ڪا) نہ آھي * (يُوسف) چيو تہ اھا پاڻ مون کي منھنجي نفس کان راڻي رھي ھئي، ۽ سندس گھر جي ڀاتين مان ھڪ شاھد شاھدي ڏني، تہ جيڪڏھن ھن جو پھراڻ اڳ کان ڦاڙيو ويو آھي تہ (زليخا) سچي آھي ۽ اُھو ڪوڙن مان آھي * ۽ جيڪڏھن سندس پھراڻ پٺيءَ کان ڦاڙيو ويو آھي تہ (زليخا) ڪوڙي ۽ اُھو سچن مان آھي* جنھن مھل (عزيز) پھراڻ پٺيءَ کان ڦاٽل ڏٺو (تنھن مھل) چيائين تہ اھو (چوڻ) اوھان (رنن) جي مڪرن مان آھي، ڇو تہ اوھان جو مڪر وڏو آھي|سورة يوسف:25، 26, 27, 28|}}
قميص ڦاٽڻ متعلق خاندان جي فرد جي شھادت جو ذڪر قرآن ڪيو آهي پر يھودين جي روايتن ۾ وري کير پياڪ ٻار جي شھادت جو ذڪر آيل آهي<ref name="مودودي" /><ref> اقتسابات تلمود، از: پال اسحاق ھرشون، لنڊن، 1880 صہ 256 </ref>.
 
قيدخاني جو آفيسر هن جو معتقد ٿي ويو هو ۽ قيدخاني ۾ حضرت يوسف جو اثر رسوخ قائم ٿي چڪو هو<ref name="ابوالڪلام آزاد" />. ھن قيد ۽ عيش واري گناھ مان قيد کي چونڊيو. قيد م دين جي تبليغ جاري رکي. جيئن ئي کيس معلوم ٿيو ته انهن ماڻهن مان هڪ بادشاهه جي ساقين جو سردار آهي ۽ وري ساڳي عهدي تي ڪم ڪرڻ وارو آهي ۽ هر وقت بادشاهه جي خدمت ۾ رهڻ وارو آهي، ڪيترو نه سٺو ٿيندو جو حق جي دعوت بادشاهه جي ڪنن تائين پهچائي ڇڏجي. اهڙي طرح تعبير بيان ڪرڻ بعد فرمايائون <ref name="ابوالڪلام آزاد" /> :