يوسف (اسلام): جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سِٽَ 52:
مصر ۾ ان وقت پندرھين خاندان جي حڪومت ھئي جنھن خاندان جا بادشاھ مصر جي تاريخ م ڌنار بادشاھ (Hyksos Kings) سڏبا ھئا. آھي بادشاھ عرب نسل وارا ھئا، اھي 2000 ق م جي لڳ ڀڳ فلسطين ۽ شام مان مصر ۾ اچي قابض ٿيا ھئا<ref name="مودودي" />. عرب مؤرخن ۽ قرآن جي مفسرن انھن کي عماليق جي نالي سان سڏيو آهي<ref name="مودودي" />. جلعاد واري قافلي جي ماڻھن کيس کوھ مان پاڻي ڀريندي برآمد ڪيو ۽ ان کي غلام بڻائي مصر کڻي آيا ۽ بازار ۾ کيس وڪيو. مصر جي عزيز کيس خريد ڪري پنھنجي گھر آندو. مولانا ابوالڪلام آزاد لکي ٿو تہ: . هن، غلام جي حيثيت سان هن کي خريد ڪيو هو ۽ مصر جا آثار ٻڌائين ٿا ته مصرين جو غلام سان ڪهڙو رويو هوندو هو. اُهي غلامن لاءِ ايترائي سنگدل هئا، جيتريون دنيا جون ٻيون قومون رهيون آهن. تنهن هوندي به هن ٿوري وقت ۾ پنهنجي حسن ۽ ڪردار سان ان جي دل کٽي ورتي ۽ غلاميءَ جي جاءِ تي مالڪي ڪرڻ لڳو<ref name="ابوالڪلام آزاد" />:
{{quote|”هن پنهنجي گهر واريءَ کي چيو ته هن کي سٺي نموني رکجانءِ، عجب ناهي ته هي اسان کي فائدو ڏي يا اسين هن کي پٽ بڻايون.“ |سورة يوسف:21|}}
 
عزيز جو نالو بائيبل ۾ فوطيفار لکيل آهي. بائيبل ۽ تلمود مطابق اھو شاھي محافظن جو افسر ھيو. ابن جرير عبدالله بن عباس جي روايت نقل ڪندي لکيو آهي ته عزيز شاھي خزاني جو افسر ھيو.
 
==بي گناھ گرفتاري ، قيد ۽ آزادي ==