يوسف (اسلام): جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سِٽَ 33:
اسلامي روايتن مطابق ان جي عمر جڏهن يارھن يا ٻارھن سال يا سترھن سال<ref name="مودودي" /> ھئي تہ ان جي نبوت جا آثار ھڪ خواب ذريعي واضع ٿيڻ لڳا جنھن ھن سج ، چنڊ ۽ ڏھ ستارن کي پنھنجي آڏو سجدو ڪندي ڏٺو ھو. سندس والد کيس اھو خواب ڪنھن کي بہ ٻڌائڻ کان منع ڪئي ھئي. روايتن مطابق سندس ماٽيلي ماء لياہ اھو خواب ٻڌي پنھنجي سڳي پٽ يھودہ کي ٻڌايو. ويڳي ڀائرن کيس قتل ڪرڻ جو منصوبو ٺاھيو ۽ کيس پيءُ کان اجازت وٺي شڪار تي وٺي ويا ۽ ھڪ کوھ لڳ مٿس حملو ڪري ڌڪ ھڻي کوه ۾ ڦٽي ڪري ان جي ڪپڙن کي جانور جي رت لڳائي پيءُ کي ٻڌايو تہ کيس بگھڙ کائي ويو. قرآن م سورة يوسف م ان جو ذڪر ھيئن ٿيل آهي:
{{quote|جڏھن (پاڻ ۾) چيائون تہ بيشڪ يُوسف ۽ سندس (سڳو) ڀاءُ (بنيامين) اسان جي پيءُ وٽ اسان کان وڌيڪ پيارا آھن جيتوڻيڪ اسين (گھڻا ڄڻا) وڏو جٿو آھيون بيشڪ اسان جو پيءُ پڌري ڀُل ۾ آھي * (ھاڻي گھرجي تہ) يُوسف کي ڪُھو يا کيس ڪنھن ملڪ ۾ ڦٽي ڪري اچو تہ اوھان جي پيءُ جي توجھ رڳو اوھان لاءِ ٿئي ۽ اُن (ڪم) کان پوءِ اوھين سڌريل ٿجو * منجھانئن (ھڪ) چوندڙ چيو تہ يُوسف کي نہ ماريو ۽ جيڪڏھن (ڪجھ) ڪندڙ آھيو تہ کوھ جي تري ۾ (کڻي) اُڇلايوس تہ ڪو واٽھڙو کيس ڪڍي ويندو | سورة يوسف: 8, 9, 10 |}}
 
{{quote| پوءِ جنھن مھل کيس نيائون (تنھن مھل) ھن کي کوھ جي تري ۾ اُڇلڻ تي اتفاق ڪيائون، ۽ اسان ان ڏانھن وحي ڪيوسون تہ سندن ھن واقعي جي کين ضرور خبر ڏيندين ۽ اُھي (تو کي) نہ ڄاڻندا |سورہ يوسف: 15|}}