يوسف (اسلام): جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سِٽَ 46:
عزيز جي زال جو نالو زليخا ھيو جيڪا ھن جي سونھن تي موھجي پئي. قرآن ۾ ڏنل قصي ۽ ان جي تفسير ۾ بيان ڪيل روايتن مطابق زليخا مڙس جي غير موجودگيءَ ۾ ريجھائڻ جي ڪوشش ڪئي تہ عزيز جي گهر واري جي دعوتِ عيش جي جواب ۾ چيائين تہ:<ref> (منهنجي مالڪ ته مون کي سٺي منزلت بخشي - القرآن، سورة يوسف :23) </ref> تنهنجو مڙس منهنجو مالڪ آهي، هن مون تي اعتماد ڪيو، عزت ۽ احترام سان پيش آيو، پوءِ ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته ان جي احساسن جو بدلو اهو ڏيان جو ان جي امانت ۾ خيانت ڪرڻ لڳان! ان بعد جڏهن زليخا ھن سان زبردستي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تہ ھي بچڻ خاطر ڀڳو پر زليخا ان جي ڪڍ رھي. جڏھن ڀڄندي ٻاھريون دروازو کوليو تہ عزيز اتي موجود ھيو. زليخا الٽو مٿس الزام ھنيو پر يوسف ترديد ڪندي زليخا تي الزام لڳايو. عزيز مصر کيس زليخا واري الزام تي گرفتار ڪرايو. اھڙي طرح ھن کي بيگناه ھوندي قيد م رھڻو پيو. قيدخاني جو آفيسر هن جو معتقد ٿي ويو هو ۽ قيدخاني ۾ حضرت يوسف جو اثر رسوخ قائم ٿي چڪو هو<ref name="ابوالڪلام آزاد" />. ھن قيد ۽ عيش واري گناھ مان قيد کي چونڊيو. قيد م دين جي تبليغ جاري رکي. جيئن ئي کيس معلوم ٿيو ته انهن ماڻهن مان هڪ بادشاهه جي ساقين جو سردار آهي ۽ وري ساڳي عهدي تي ڪم ڪرڻ وارو آهي ۽ هر وقت بادشاهه جي خدمت ۾ رهڻ وارو آهي، ڪيترو نه سٺو ٿيندو جو حق جي دعوت بادشاهه جي ڪنن تائين پهچائي ڇڏجي. اهڙي طرح تعبير بيان ڪرڻ بعد فرمايائون <ref name="ابوالڪلام آزاد" /> :
{{quote| ”جڏهن پنهنجي آقا وٽ وڃين ته مون کي ياد ڪجانءِ. يعني منهنجي هيءَ تعليم ۽ دعوت حق ياد رکجانءِ ۽ پنهنجي آقا سان موقعو وٺي ان جو ذڪر ڪجانءِ. ممڪن آهي ته حق جي پيغام کي قبول ڪري وٺي.“| (يوسف-42) |}}
عام طور تي حضرت يوسف جي انهيءَ قول جو اهو مطلب ورتو وڃي ٿو ته اهو هن پنهنجي آزاديءَ لاءِ چيو هو يعني پنهنجي آقا وٽ منهنجي سفارش ڪجانءِ. پر جنهن موقعي تي اها ڳالهه ڪئي ويئي آهي تنهن مان ان جي تائد نٿي ٿئي<ref name="ابوالڪلام آزاد" />. مولانا ابوالڪلام آزاد لکي ٿو ته:هن جي ڪردار جي فضيلت جو ڪهڙو نه عجيب منظر سامهون اچي ٿو ته جڏهن مصر جو بادشاهه خواب ڏسي ٿو ۽ ساقين جو سردار اهو معاملو کڻي اچي هن کي ٻڌائي ٿو. دنيا جو هر ماڻهو اهڙي موقعي تي ڇا ڪري ٿو؟ دنيا جو هر اهڙو قيدي ڇا ڪندو جنهن کي بغير ڪنهن ڏوهه ۽ گناهه جي قيد ڪيو ويو هجي ۽ سالن تائين بغير ڪنهن مدد جي قيد هجي؟ يقيناً اهڙي موقعي کي غيبي مدد سمجهي ان مان فائدي وٺڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ چوندو ته مان اها مشڪل حل ڪري سگهان ٿو. مون کي قيد کان نڪرڻ ۽ بادشاهه جي حضور ۾ پيش ٿيڻ جو موقعو ڏنو وڃي پر اسين ڏسون ٿا ته حضرت يوسف عليه السلام جي طرفان اهڙي ڪا به خواهش ظاهر نٿي ٿئي. پاڻ خواب ٻڌندي ئي ان جي تعبير بيان ڪري ڇڏيائون. ذري برابر به خيال نٿو ٿيئس ته پنهنجي مطلب لاءِ اها قيمتي ڳالهه ٿوري دير لاءِ روڪي ڇڏي. پوءِ نه صرف ايترو جو جيڪا ڳالهه پڇي ويئي هئي اها ئي ٻڌايائون پر ان کان به زياده علم جي بخشش مسئلن جي حل ڪرڻ لاءِ ڏيئي ڇڏيائون؛ يعني خواب ۾ ايندڙ تباهيءَ جي خبر ڏني ويئي هئي. پاڻ تعبير سان گڏ اهو به ٻڌائي ڇڏيائون ته ان تباهي ۽ مصيبت کان بچڻ جو ڪهڙو رستو آهي. سوال بادشاهه جي طرف کان هو پر جنهن جواب ڏنو اهو قيدخاني جي ڪوٺڙيءَ ۾ هوندي پنهنجي علم جي بخشش ۾ بادشاهن کان به وڌيڪ سخي هو<ref name="ابوالڪلام آزاد" />.
عام طور تي حضرت يوسف جي انهيءَ قول جو اهو مطلب ورتو وڃي ٿو ته اهو هن پنهنجي آزاديءَ لاءِ چيو هو يعني پنهنجي آقا وٽ منهنجي سفارش ڪجانءِ. پر جنهن موقعي تي اها ڳالهه ڪئي ويئي آهي تنهن مان ان جي تائد نٿي ٿئي<ref name="ابوالڪلام آزاد" />.