يوسف (اسلام): جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سِٽَ 44:
 
==بي گناھ گرفتاري ، قيد ۽ آزادي ==
عزيز جي زال جو نالو زليخا ھيو جيڪا ھن جي سونھن تي موھجي پئي. قرآن ۾ ڏنل قصي ۽ ان جي تفسير ۾ بيان ڪيل روايتن مطابق زليخا مڙس جي غير موجودگيءَ ۾ ريجھائڻ جي ڪوشش ڪئي تہ عزيز جي گهر واري جي دعوتِ عيش جي جواب ۾ چيائين تہ:<ref> (منهنجي مالڪ ته مون کي سٺي منزلت بخشي - القرآن، سورة يوسف :23) </ref> تنهنجو مڙس منهنجو مالڪ آهي، هن مون تي اعتماد ڪيو، عزت ۽ احترام سان پيش آيو، پوءِ ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته ان جي احساسن جو بدلو اهو ڏيان جو ان جي امانت ۾ خيانت ڪرڻ لڳان! ان بعد جڏهن زليخا ھن سان زبردستي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تہ ھي بچڻ خاطر ڀڳو پر زليخا ان جي ڪڍ رھي. جڏھن ڀڄندي ٻاھريون دروازو کوليو تہ عزيز اتي موجود ھيو. زليخا الٽو مٿس الزام ھنيو پر يوسف ترديد ڪندي زليخا تي الزام لڳايو. عزيز مصر کيس زليخا واري الزام تي گرفتار ڪرايو. اھڙي طرح ھن کي بيگناه ھوندي قيد م رھڻو پيو. قيدخاني جو آفيسر هن جو معتقد ٿي ويو هو ۽ قيدخاني ۾ حضرت يوسف جو اثر رسوخ قائم ٿي چڪو هو<ref name="ابوالڪلام آزاد" />. ھن قيد ۽ عيش واري گناھ مان قيد کي چونڊيو. قيد م دين جي تبليغ جاري رکي. جيئن ئي کيس معلوم ٿيو ته انهن ماڻهن مان هڪ بادشاهه جي ساقين جو سردار آهي ۽ وري ساڳي عهدي تي ڪم ڪرڻ وارو آهي ۽ هر وقت بادشاهه جي خدمت ۾ رهڻ وارو آهي، ڪيترو نه سٺو ٿيندو جو حق جي دعوت بادشاهه جي ڪنن تائين پهچائي ڇڏجي. اهڙي طرح تعبير بيان ڪرڻ بعد فرمايائون<ref name=" <ref name="ابوالڪلام آزاد" />" />:
{{quote| ”جڏهن پنهنجي آقا وٽ وڃين ته مون کي ياد ڪجانءِ. يعني منهنجي هيءَ تعليم ۽ دعوت حق ياد رکجانءِ ۽ پنهنجي آقا سان موقعو وٺي ان جو ذڪر ڪجانءِ. ممڪن آهي ته حق جي پيغام کي قبول ڪري وٺي.“| (يوسف-42) |}}