عبدالقادر جوڻيجو: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: وزيوئل سنوار موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: وزيوئل سنوار موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سِٽَ 37:
 
==ڊراما==
عبدالقادر جوڻيجي جو پهرين ريڊيو ڊرامو 1970ع ڌاري ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان نشر ٿيو. سندس ٽيهن کان به وڌيڪ ريڊيو ناٽڪ نشر ٿي چڪا آهن. 1976ع ۾ سندس پهريون ٽي وي ناٽڪ ”تلاش“ پي ٽي وي ڪراچي تان ٽيليڪاسٽ ٿيو. سندس پهرين سنڌي سيريل ”راڻيءَ جي ڪهاڻي“ اردو ۾ ”ديوارين“ جي نالي سان ٽيليڪاسٽ ۽ بعد ۾ ساڳيو سيريل بي بي سي چئنل فور تان انگريزي ترجمي سان ٽيليڪاسٽ ٿيو، جيڪو ڏکڻ ايشيا جو پهريون سيريل هو. ان کانسواءِ سندس ٻيو سنڌي سيريل ”خانصاحب“ اردو ۾ ”ڇوٽي سي دنيا“ جي نانءُ سان ٿيو. انهيءَ سيريل تي ”فري يونيورسٽي برلن“ جي ڪلچرل ائنٿر پالاجي ۾ ”ڊاڪٽر هيليني باسو“ ٿيسز لکي، جيڪا جرمن ٻولي کانسواءِ انگريزي ٻوليءَ ۾ به ترجمو ٿي چڪي آهي. سندس هڪ ٻيو اردو سيريل ”سيڙهيان“ تيرنهن ملڪن ۾ هلي چڪو آهي. تنهن کانسواءِ سندس هڪ سيريل ”پرانده“ ڪئناڊا ۽ ناروي ۾ پڻ هلي چڪي آهي. ائين عبدالقادر جوڻيجو شوبز جي حوالي سان عالمي سطح جو سنڌي ليکڪ آهي. مٿين کانسواءِ سندس ڪيترائي اردو ۽ سنڌي ٽي وي ناٽڪ ٽيليڪاسٽ ٿي چڪا آهن.<ref name=":0" />
==اوارڊ==
عبدالقادر جوڻيجي کي علمي ادبي خدمتن عيوض ڪيترائي ايوارڊ پڻ مليا. پي ٽي وي ايوارڊ 1984ع، نگار ايوارڊ 1984ع، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ايوارڊ 1985ع، پي ٽي وي سلور جوبلي ايوارڊ 1989ع ۽ صدارتي تمغه حسن ڪارڪردگي 1989ع شامل آهن.