سماجي وٿي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
مضمون کي بهتر بڻايو
مضمون کي بهتر بڻايو ڳنڍڻن کي شامل/بهتر ڪيو
سِٽَ 1:
سماجي وٿي، سماجي وڇوٽي،({{lang-en|Social distancing}})<ref>{{حوالو_ويب|url=https://glosbe.com/|title=Social distancing - English-Sindhi Dictionary|website=Glosbe|language=en|access-date=2020-04-05}}</ref> يا جسماني وڇوٽي ({{lang-en|physical distancing}})، ماڻهن جي وچ ۾ جسماني وڇوٽي (فاصلو) رکڻ ۽ ماڻهن جو هڪٻئي سان ويجهو رابطو ۾ اچڻ جي تعداد کي گهٽائي هڪ پکڙجندڙ (متعدي) روڳ (بيماري) جي پکڙجڻ کي روڪڻ جي لاءِ غير دواسازي مداخلت يا عمل جو هڪ سيٽ آهي. سماجي وِٿيءَ ۾ ٻين ماڻهن کان ڇهہ فُٽ يا ٻہ ميٽر جي وِٿي (وڇوٽي، فاصلو) رکڻ ۽ وڏن گروهن (گروپن) جي ميڙ ۾ گڏ ٿيڻ کان پاسو ڪرڻ شامل آهي.
 
ان اِمڪان کي ختم ڪرڻ جي ارادي سان تہ  هڪ اڻ ڄاتل ماڻهو مُتاثر ٿيل ماڻهوءَ سان جسماني رابطي ۾ اچي ويندو، سماجي وِٿي رکڻ سان بيماري جي مٽاسٽا (منتقلي،ٽرانسميشن) کي دٻائي سگهجي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ گهٽ موتَ ٿيندا.ان سان گڏوگڏ سُٺي ريت صحت صفائي (هائيجين) ۽ هٿ ڌوئڻ سان گڏيل اُپاءَ ڪرڻ پڻ شامل آهن.[[2019–20 ڪوروناوائرس مها وبا|2019-2020 جي ڪوروناوائرس]] [[ڪوروناوائرس روڳ 2019|مهاوبائي روڳ]] دوران [[ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن]] (ڊبليو ايڇ او) موجب "جسماني وٿي" کي "سماجي وٿي" جي متبادل طور اهو ويچار رکيو ويو آهي تہ اهو بيماري جي مٽاسٽا کي روڪي ٿو؛ جڏهن تہ ماڻهو سماجي طور تي ٽيڪنالاجي سان ڳنڍيل رهي سگهن ٿا.