شائينا نانا چوداساما: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
اسٽائيل کي بهتر ڪيو
ٽيگ: 2017ع ذريعو سنوار
م خودڪار: اضافو زمرا +ترتيب (14.9 core): + زمرو:هندستاني سماجي ڪارڪن ناريون+زمرو:جيئرا ماڻهو
سِٽَ 1:
'''شائينا نانا چوداساما''' هڪ هندستاني فيشن ڊزائنر، سياستدان ۽ سماجي ڪارڪن آهي، سندس جنم 1 ڊسمبر 1972 تي ٿيو هيو. شائينا اين سي جي نالو سان هيءَ گهڻو مشهور آهي، سندس تعلق ممبئي کان آهي. هيءَ هڪ اڳوڻي ​​شيرف (پوليس واري) جي ڌيءُ آهي.
شائينا هندستاني فيشن انڊسٽري سان ساڙي (ساڙهي) جي مختلف طريقن سان پائڻ جي ڪري مشهور آهي، اهو ئي سبب آهي تہ کيس 'ڪوئیي آف ڊريپس' جو لقب مليو آهي. هن ساڙي ٻڌڻ جا 54 طريقا متعارف ڪرايا آهن.
سندس نالو گنيز بڪ آف ورلڊ رڪاڊ ۾ تيز ترين ساڙهي ٻڌڻ جي سبب سان شامل ٿيو آهي. هيءَ 2004 ۾ سياست ۾ داخل ٿي، ۽ ڀارتيا جنتا پارٽي (پي جي پي)
سِٽَ 5:
 
=== ذاتي زندگي ===
شائينا 1 ڊسمبر 1972 تي بمبئي (هاڻي ممبئي) جي مالابار هِل ۾ نانا چوداساما ۽ منيرا چوداساما جي گهر ۾ جنم ورتو هيو. هن پاران سال 1989 ۾ ڪوئين ميري اسڪول ، بمبئي کان تعليم حاصل ڪئي.<ref name="autogenerated1">{{cite news |title=Sep 2004 AFFIDAVITS, Shina begum|url=http://eci.nic.in/Sep2004_AFFIDAVITS/SE/S13/36/ShinaNanaChudasama/ShinaNanaChudasama_SC4.htm |publisher=[[ڀارتي اليڪشن ڪميشن]] |date=22 September 2004 |accessdate=24 June 2014}}</ref> ۽ 1993 ۾ سينٽ زاويرس ڪاليج، بمبئي کان پوليٽيڪل سائنس ۾ بيچلرآف آرٽس جي ڊگري حاصل ڪئي اٿس. <ref name="autogenerated1" /> جڏهن هيءَ ڪاليج هئي تہ وڪيل بڻجڻ چاهيندي هئي، پر هيءَ فيشن ڊزائننگ ڏانهن گهڻو دلچسپي وٺڻ اهو ئي ڪارڻ آهي تہ گريجوئيشن ڪرڻ کانپوءِ، هن پاران فيشن انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي، نيویارڪ منجهان فيشن ڊزائننگ ۾ اسوسيئيٽ ڊگري حاصل ڪئي آهي.
شائينا جو پيءُ ناناچوداساما، بمبئي جو اڳوڻو​ ​شيرف (پوليس اهلڪار) آهي.سندس پيءُ سوراشٽر سان تعلق رکندڙ هڪ هندو راجپوت آهي، جڏهن تہ سندس ماءُ دائودي بوهرا مسلم خاندان منجهان آهي. سندس ڀيڻ جي شادي هڪ مسلمان مرد سان جڏهن تہ سندس پنهنجي شادي مارواڙي جين ماڻهوءَ سان ٿيل آهي. مختلف مذهبي گهراڻن ۽ برادري جو حصو هجڻ جي سبب، سندس ڪٽنب پريوشن، ديواليي، عيد ۽ ڪرسمس جهڙا سمورا مذهبي ميلا ملهائيندو آهي.<ref>{{cite news |title=The I-Love-Bombay family bonds over brunch |url=http://www.uppercrustindia.com/oldsite/23crust/twentytwo/feature11.htm |publisher=Upper Crust |year=2011 |accessdate=18 June 2014}}</ref> <ref>{{cite news |title=Will you marry me? |url=http://www.dnaindia.com/entertainment/report-will-you-marry-me-1074711 |work=[[زي نيوز]] |date=16 January 2007 |accessdate=18 June 2014}}</ref> شائينا جي شادي منيش منوت سان ٿي هئي هي ءَ هڪ ڀيرو ان سان اسڪول ۾ ان مهل ملي هئي جڏهن هيءَ تيرنهن سال ڄمار جي هئي ۽ ڇهہ سال جي تعلق کانپوءِ ٽيويهہ سال جي عمر ۾ ان سان شادي ڪري ڇڏيائين. شائينا پنهنجي پيشي، سياست ۽ سماجي ڪمن ۾ چڱي طريقي سان حصو وٺڻ ۾ ڪامياب آهي. هوءَ ممبئي ۾ پنهنجي ڪٽنب ۽ ٻن ٻچن، شانيا ۽ ايان سان گڏ پنهنجي مڙس سان رهندي آهي.<ref>{{cite news |title=I am young, a woman and honest: Shaina NC |publisher=[[ريڊف ڊاٽ ڪوم]] |date=4 October 2004 }}</ref>
 
=== ڪيريئر ===
سِٽَ 13:
== حوالا ==
{{حوالا|2}}
 
[[زمرو:جيئرا ماڻهو]]
[[زمرو:هندستاني سماجي ڪارڪن ناريون]]