نڪاح: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سِٽَ 34:
ابن ماجه ابن عباس جي روايت نقل آھي جنھن مان معلوم ٿئي ٿو ته حضور اڪرم {{درود}} فرمايو تہ:
{{quote| من وقع على ذات محرم فاقتلوه <br>ترجمو: جيڪو شخص محرمات مان ڪنھن سان زنا ڪري ان کي قتل ڪري ڇڏيو| ابن ماجه<ref name="مودودي" />|}}
فقيھن ۾ ان مسئلي تي اختلاف آھن. امام احمد ان ڳالهه جو قائل ھيو تہ ان شخص کي قاتل ڪري ان جو مال ضبط ڪيو وڃي<ref name="مودودي" />. امام حنيفه، امام مالڪ ۽ امام شافعي مطابق جيڪڏهن ڪو محرم عورت سان زنا ڪري ٿو ته ان تي زنا جي حد جاري ٿيندي ۽ جيڪڏهن نڪاح ڪري ٿو تہ ان کي سخت عبرتناڪ سزا ڏني ويندي<ref name="مودودي" />.ان ڳالھ تي شريعت ۾ اتفاق آهي تہ ڇوڪرن ۽ ڇوڪريون جيڪڏهن ڪنھن عورت جو کير پيتو آهي انھن لاء کير پياريندڙ عورت ماء جي برابر آهي ۽ ان جو مڙس سندن پيءُ جي برابر آهي ۽ انھن سان ڳنڍيل سڀيئي رشتا رضائي ماء ۽ رضائي پيءُ جي تعلق ۾ ايئن حرام آھن جيئن سڳي ماءُ پيءُ جي تعلق ۾ حرام ھوندا آھن<ref name="مودودي" />. حرمت رضاعت جي مقدار تي فقيھن ۾ اختلاف آھن. امام ابو حنيفه ۽ امام مالڪ مطابق جيتري کير جي مقدار سان روزيدار جو روزو ٽٽي سگھي ٿو اوتري مقدار ۾ ٻار ڪنھن جو کير پيئي ته حرمت ثابت ٿي ويندي آهي<ref name="مودودي" />. پر امام احمد مطابق ٽي دفعا کير پيئڻ سان ۽ امام شافعي مطابق پنج دفعا کير پيئڻ سان حرمت ثابت ٿيندي آهي. کير پيئندڙ ٻار جي عمر تي اختلاف آھن<ref name="مودودي" />. ام سلمه ، ابن عباس ۽ حضرت علي مطابق اعتبار رڳو ان زماني ۾ کير پيئڻ تي آھي جڏھن ٻار جو کير ڇڏايو نہ ويو ھجي ۽ ٻار جو مدار اڃان رڳو کير پيئڻ تي ھجي. کير ڇڏائڻ کان پوء ڪنھن عورت جو کير پيئڻ ايئن آھي جيئن پاڻي پيئڻ. ، زھري، حسن بصري، قتادہ، عڪرمه ۽ اوزاعي ان روايت جا قائل آھن<ref name="مودودي" />. حضرت عمر، ابن مسعود، ابوھريرہ ۽ ابن عمر مطابق ٻن سالن جي عمر جي اندر جيڪو کير پيتو ويو ھجي ان سان حرمت رضاعت ثابت ٿيندي. امام شافعي، امام احمد، امام ابو يوسف، امام محمد، امام سفيان ثوري ان راء کي قبول ڪيو<ref name="مودودي" />. مامامام ابو حنيفه، امام مالڪ پڻ ان راء جا حامي ھيا پر انھن مطابق اھا حرمت ٻہ سال کان ٻہ مھينا زائد عمر تائين کير پيڻ واري تي بہ آھي<ref name="مودودي" />. امام زفر ۽ امام ابو حنيفه جو مشھور قول مطابق رضاعت جو زمانو اڍائي سال جي عمر تائين آھي<ref name="مودودي" />. حضرت عائشه ۽ حضرت علي جي صحيح تر روايت مطابق ڪنھن بہ عمر ۾ کير پيئڻ سان حرمت ثابت ٿي ويندي يعني اصل اعتبار عمر جو نہ پر کير جو آھي، ۽ پيئڻ وارو جيڪڏهن پوڙھو بہ آھي تہ ان جو حڪم اھو ئي ٿيندو جيڪو کير پياڪ ٻار جو آھي. فقيھن ۾ عروہ بن زبير، عطاء، ليث بن سعد ۽ ابن حزم ان راء جا حامي آهن<ref name="مودودي" />. نبي {{درود}} جي ھدايت آھي تہ ماسي ۽ ڀاڻيجي، پڦي ۽ ڀائٽي کي ھڪ ئي وقت نڪاح ۾ رکڻ حرام آھي. ان معاملي تي اھو اصول سمجھڻ کپي تہ تہ اھڙين ٻن عورتن کي نڪاح ۾ جمع ڪرڻ حرام آهي جن ۾ جيڪڏهن ھڪ مرد ھجي ھا تہ ان جو نڪاح ٻئي سان حرام ھجي ھا<ref name="مودودي" />.
 
==حوالا==