نڪاح: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سِٽَ 1:
عربن ۾ آڳاٽي زماني کان نڪاح جا مختلف طريقا هلندڙ هئا. قرآن جي [[سورہ النساء]] جي آيت 3 ۾ نڪاحن جي حد چئن تائين مقرر ڪئي وئي.
{{quote| وَإِنْ خِفْتُمْ أَلَّا تُقْسِطُوا فِي الْيَتَامَىٰ فَانْكِحُوا مَا طَابَ لَكُمْ مِنَ النِّسَاءِ مَثْنَىٰ وَثُلَاثَ وَرُبَاعَ ۖ فَإِنْ خِفْتُمْ أَلَّا تَعْدِلُوا فَوَاحِدَةً أَوْ مَا مَلَكَتْ أَيْمَانُكُمْ ۚ ذَٰلِكَ أَدْنَىٰ أَلَّا تَعُولُوا<br> ترجمو:۽ جيڪڏھن ڊڄو تہ يتيم ڇوڪرين (جي نڪاح ڪرڻ) ۾ عدل نہ ڪندؤ تہ (ٻـين) زالن مان جيڪي اوھان کي وڻن سي ٻہ ٻہ ۽ ٽي ٽي ۽ چار چار پرڻجو، پوءِ جيڪڏھن ڊڄو ٿا تہ اوھان کان انصاف ٿي نہ سگھندو تہ ھڪ (پرڻجو) يا اوھان جا ھٿ جن (ٻانھين) جا مالڪ ٿيا (سي رکو) اِھو ھن کي ويجھو آھي تہ ڏاڍائي نہ ڪريو |النساء:3|}}
ابن عباس ۽ ان جي شاگرد عڪرمہ مطابق اسلام جي آمد کان اڳ عربستان ۾ نڪاح جي ڪابه حد ڪانہ ھئي. ھڪ شخص ڏھ ڏھ زالون رکي سگھندو ھو ۽ جڏھن گھڻين زالن جي ڪري خرچ وڌي ويندا ھئا تہ مجبور ٿي پنھنجي يتيم عزيزن، ڀائٽن ، ڀانيجن جون ملڪيتون ڦٻائڻ شروع ڪندا ھئا جنھن ڪري خدا نڪاح جي لاءِ چئن زالن جي حد مقرر ڪري ڇڏي<ref name =" مودودي" > - ڪتاب: تفھيم القرآن ، جلد اول ، ابوالاعلي مودودي، اداره ترجمان القرآن ، لاھور ڇاپو 35 مارچ 2003، صه :320-321-335,336 </ref>. ان ڳالھ تي امت جي فقيھن جو اجماع آهي تہ سورہ النساء جي آيت نمبر 3 ۾ نڪاح جي تعداد کي محدود ڪيو ويو آهي ۽ ھڪ ئي وقت چار کان وڌيڪَ زالن رکڻ جي منع ڪئي وئي آهي<ref name="مودودي" />. حديث جي روايتن ۾ بہ ان ڳالھ جي تصديق ٿئي ٿي. ھڪ حديث مطابق طائف جو ھڪ رئيس غيلان<ref> (غ تي زبر)</ref> جڏھن مسلمان ٿيو تہ ان جون 9 زالون ھيون. نبي {{درود}} ان کي حڪم ڏنو ته چار رکي باقي ڇڏي ڏئي<ref name="مودودي" />. ھڪ ٻئي شخص نوفل بن معاويه کي پنج زالون ھيون ۽ نبي {{درود}} کيس حڪم ڏنو ته ھڪ ڇڏي ڏي. زالن جي تعداد کي زالن ۾ عدل جي شرط سان مشروط ڪيو ويو<ref name="مودودي" />.
 
==1. ھاڻوڪو اسلامي طريقو==