زيب النسا (ڳائڻي): جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 4:
زيب النساء جو جنم [[نوابشاھ]] ۾ ٿيو. سندس اصل نالو ”قائم خاتون“ ۽ ذات ”شيخ“ ھئي. سندس والد جو نالو بچو شيخ ھو. ھن جو واسطو ڪنھن راڳيندڙ خاندان سان نہ ھو البت سندس والدہ شادين مرادين جي موقعي تي آسپاس جي ڳوٺن ۾ سھرا ڳائيندي ھئي. کيس ٻالڪپڻ کان ئي ڳائڻ جو شوق ھو. ننڍي ھوندي ئي ھوءَ ڪاليج جي فنڪشنن ۽ ڀٽائيءَ جي ميلي ۾ اسٽيج تي پنھنجي فن جو مظاھرو ڪندي ھئي. ڳائڻ جي شوق سبب فقط مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪري سگھي. سڄي حياتي راڳ ۽ موسيقيءَ جي حوالي ڪري ڇڏيائين.
== فني سفر==
تمام ننڍڙي ڄمار ۾ ھن 1958ع ڌاري [[ريڊيو پاڪستان حيدرآباد]] تي آڊيشن ڏنو<ref>ٰمصطفيٰ ملاح: خوبصورت آواز جي مالڪ  گائڪا زيب النساء اسان کان وڇڙي وئي،  روزاني ڪاوش، 21 ڊسمبر 2019</ref>. سندس آڊيشن مشھور براڊڪاسٽر مرحوم [[ايم بي انصاري |ايم بي انصاريءَ]] ورتو. آڊيشن دوران استاد محمد ابراھيم ۽ [[استاد محمد جمن]] جھڙا راڳ جا پارکو بہ موجود ھئا. پنھنجي سريلي آواز ۽ لفظن جي صحيح ادائگيءَ سببان ھن موسيقيءَ جو ھيءُ امتحان پاس ڪري ورتو. ھن سنڌ جي مشھور راڳيءَ ۽ موسيقار [[محمد جمن]] کان راڳ جي سکيا ورتي<ref>نصير مرزا: گمناميءَ ۾ گذاري ويل ھڪ لوڪ گائڪا، روزاني ڪاوش 21 ڊسمبر 2019</ref>. جڏھن ھن جو پھريون ڪلام رڪارڊ ٿيو تہ ان کي تمام گھڻو پسند ڪيو ويو. ھن [[شاھ عبداللطيف ڀٽائي|حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي]]، [[ سچل سرمست|حضرت سچل سرمست]]، [[ٻڍل فقير]] ۽ ٻين شاعرن جا بيشمار ڪلام، ڪافيون ۽ گيت ڳايا. [[زرينه بلوچ|جيجي زرينہ بلوچ]] ۽ امينہ سان گڏجي بيشمار لاڏا ۽ سھرا رڪارڊ ڪرايا جيڪي اڄ بہ سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ مشھور ۽ مقبول آھن. ھن [[استاد محمد جمن]] ۽استاد محمد يوسف جھڙن وڏن راڳين سان گڏ ڊوئيٽ (دوگانہ)پڻ ڳايا. [[سنڌي ٻولي|سنڌيءَ]] سان گڏ ھن [[اردو]]، سرائڪي، بلوچي ۽ [[پنجابي ٻولي|پنجابي]] ٻوليءَ ۾ پڻ گيت ڳايا. ھن پاڪستان ٽيليويزن سينٽر ڪراچيءَ تي پڻ 50 کان مٿي پروگرام رڪارڊ ڪرايا جيڪي ھن جي گيتن، سھرن ۽ ڪلامن تي مشتمل آھن.
== زيب النساء جا ريڊيو پاڪستان تي رڪارڊ ٿيل ڪجھ مشھور ڪافيون، ڪلام ۽ گيت ==
 
سِٽَ 23:
== حوالا ==
{{حوالو}}
 
# [[واپرائيندڙ:Shahrozunar95/مشق پٽي#cite%20ref-2|↑]] لوڪ گيتن جي راڻي زيب النساءِ لاڏاڻو ڪري وئي، روزاني سنڌيار، 20 ڊسمبر 2019
# [[واپرائيندڙ:Shahrozunar95/مشق پٽي#cite%20ref-3|↑]] نصير مرزا: گمناميءَ ۾ گذاري ويل ھڪ لوڪ گائڪا، روزاني ڪاوش 21 ڊسمبر 2019