پاڪستان ۾ ڪوروناوائرس مهاوبا 2020: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 26:
15 مارچ 2020 تائين پاڪستان ۾ [[ڪوروناوائرس|ڪورونا وائرس]] کان متاثر ٿيل ماڻهن جي ڳڻپ (تعداد) 53 آهي. جن منجهان 3 ماڻهو صحتياب ٿي چُڪا آهن.
 
== ڪورونا وائرس واقعا جي وقت پَٽي (ٽائم لائن) ==
=== جنوري 2020 ===
[[چين]] ۾ رهندڙ چار پاڪستاني شاگردن ۾ ڪورونا وائرس جي سُڃاڻپ (تشخيص) ٿي.
 
=== فيبروري 2020 ===
*[[12 فيبروري]] [[2020ع|2020]] تي چين ۾ رهندڙ وائرس جو شڪار ٿيل چارئي ڄڻا پاڪستاني شاگرد صحتياب ٿي ويا.
*[[14 فيبروري]] [[2020ع|2020]] تي [[چين]] ۾ رهندڙ وائرس جو شڪار وَڌيڪ 2 پاڪستاني شاگرد صحت ياب ٿي ويا جڏهن تہ هڪ شاگرد علاج هيٺ آهي.
سِٽَ 39:
*28 فيبروري تي وفاقي وزير صحت ڊاڪٽر ظفر مرزا نيشنل انفارميشن ٽيڪنالوجي بورڊ جي سهڪار سان آنلائن پليٽ فارم جي شروعات ڪئي جتي ڪورونا وائرس بابت سوالن جا جوابَ ڏنا ويا. پليٽ فارم جي [http://app.nhsrc.gov.pk/ ويب سائٽ] جو نالو ۽ انکي دوستن، مائٽن ۽ ڄآڻ سُڃاڻ وارن دوستن ساٿين تائين پکيڙڻ (ونڊڻ)جي گذارش ڪئي وئي.
 
=== مارچ 2020 ===
==== قلم 144 لاڳو ====
13 مارچ 2020 تي ڊيرا غازي خان ۾ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو. 15 مارچ 2020 تي پنجاب ۾ قلم 144 لڳايو ويو. 15 مارچ 2020 تي لاهور ۾ ڪورونا وائرس جو پهريون مريض سامهون آيو، 54 سال ڄمار وارو ماڻهو برطانيا کان 10 مارچ تي لاهور پهتو.
 
==== پي ايس ايل ميچ بغير تماشائي ====
13 مارچ 2020 کانپوءِ [[پاڪستان سپر ليگ 2020ع|پاڪستان سپر ليگ]] جي ميچن ۾ تماشائين جي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم وڃِي ميچ ڏسڻ تي پابندي لڳائي وئي.
 
==== وائرس جي پکڙجڻ ۾ تافتان ۾ رهندڙ زائرين جو ڪردار ====
[[ايران]] کان واپس موٽي آيل زائرين کي تفتان ۾ چڪاسيو (ڪرنتين) ڪيو ويو پر ٻن هفتن کانپوءِ [[سنڌ]]، [[خيبر پختونخوا|خيبرپختونخوا]]، [[پنجاب، پاڪستان|پنجاب]] ڏانهن اچڻ کانپوءِ انهن ۾ [[ڪوروناوائرس|ڪورونا وائرس]] لڀيو ويو جنهن سان وائرس کان متاثر ٿيل ماڻهو جو تعداد 53 کان هڪ دم وَڌي 184 ٿي ويو. 16 مارچ 2020 تائين تفتان ۾ رهندڙ ايران کان آيل زائرين جو سڀ کان وڏو تعداد [[سکر]] پهتو جنهنڪري [[سکر]] ۾ ڪورونا وائرس جي متاثر ٿيل ماڻهن جو تعداد 100 جي لڳ ڀڳ پهچي ويو. [[ڪراچي]] ۾ 26 ۽ [[حيدرآباد، سنڌ|حيدرآباد]] ۾ هڪ مريض سامهون آيا. سموري ملڪ ۾ مريضن جو تعداد 184 ٿي ويو.