سوره النساء: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سِٽَ 19:
'''سوره النساء''' {{ٻيا نالا|انگريزي= '''Al Nisa '''}} قرآن شريف جي چوٿين سورة آھي جيڪا مدني آھي. ان ۾ 24 رڪوعون ۽ 176 آيتون آهن. النساء جي معنيَ عورت آهي. ھن سورة ۾ عورتن جي حقن متعلق ذڪر ھجڻ جي ڪري اھو نالو رکيو ويو.
==موضوع ۽ نزول جو وقت==
ھن سورة جي نازل ٿيڻ جو دؤر سن 3 ھجري جي آخر کان 5 ھجري جي شروع تائين وارو دؤر آھي<ref name="مودودي" />. اھو طئي ڪرڻ مشڪل آھي ڪنھن مقام کان ڪنھن مقام تائين آيتون ھڪ تسلسل واري خطاب ۾ نازل ٿيون ۽ انھن جو نازل ٿيڻ جو ٺيڪ زمانو ڪھڙو آھي. پر ڪجھ حڪم ، واقعا ۽ اشارا اھڙا آھن جن مان آيتن جي نازل ٿيڻ جون تاريخون اسان کي روايتن مان معلوم ٿين ٿيون جنھن مان سورة جي خطابن جي سرسري حدبندي ڪري سگھجي ٿي<ref name="مودودي" />. [[احد جي جنگپ]] ۾ 70 اصحابي شھيد ٿيا ھيا ۽ ان جنگ کان پوءِ وراثت جي تقسيم ۽ يتيمن جي حقن بابت ھدايتون نازل ٿيون ھيون. مديني جي ننڍڙي وسندي ان حادثي جي ڪري گھرن ۾ اھي سوال پيدا ڪيا ھيا تہ شھيدن جي ميراث کي تقسيم ڪيو وڃي ۽ انھن جي ڇڏيل يتيم ٻارن جو تحفظ ڪيو وڃي. ان ڪري اھو قياس ڪري سگھجي ٿو ته سورة جون شروعاتي 4 رڪوعون ۽ پنجين رڪوع جون پھريون ٽي آيتون ان زماني ۾ نازل ٿيون<ref name="مودودي" />. روايتن ۾ ھن سورة واري '''صلواة خوف''' جو ذڪر [[غزوه ذات الرقاع]] سان منصوب ڪيو ويو آهي جيڪا سن 4 ھجري ۾ واقع ٿي ھئي ان ڪري قياس ڪيو وڃي ٿو تہ رڪوع 15 وارو خطاب سن دؤر جو آھي<ref name="مودودي" />. مديني مان بنو نضير جي نيڪالي ربيع الاول 4 ھجري ۾ ٿي ھئي تنھن ڪري گمان آهي تہ ھن سورة ۾ يھودين کي تنبيهه ڪرڻ واري آيت (ايمان آڻيو ان کان اڳ جو اسان چھرا بگاڙي پوئتي ڦيرائي ڇڏيون) سن دؤر جي نازل ٿيل آهي<ref name="مودودي" />. پاڻي نہ ملڻ ڪري تيمم جي اجازت سن 5 ھجري ۾ واقع ٿيندڙ [[غزوه بني المصطلق]] جي وقت ملي ھئي تنھن ڪري رڪوع نمبر 7 جو نزول وارو دؤر اھو ساڳيو آهي.
<ref name =" مودودي" > - ڪتاب: تفھيم القرآن ، جلد اول ، ابوالاعلي مودودي، اداره ترجمان القرآن ، لاھور ڇاپو 35 مارچ 2003، صه :
316,317 </ref>.