ڪفن: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سِٽَ 5:
 
==عورت جو ڪفن==
حنفي مذهب مطابق عورت جي ڪفن ۾ پنج ڪپڙا سنت آھن<ref name="آسان فقه" />. جن ۾ ڪفني يا چولو، ازار، سربند يا رئو، سينو بند ۽ چادر شامل آهن<ref name="آسان فقه" />. ڪفني ڳچي کان وٺي پيرن تائين ھوندي آھي، ازرا مٿي کان وٺي پيرن تائين ھوندي آھي، ۽ چادر وري ازرا کان ھڪ ھٿ ڊگھي ھوندي آھي. سربند ٽي ھٿ ڊگھو ھوندو آھي جيڪو مٿي کان پھرائي منھن تي وڌو ويندو آهي<ref name="آسان فقه" />. سربند کي ٻڌو يا ويڙھيو نہ ويندو آهي. سيني بند سيني کان وٺي سٿرن تائين ويڪرو ھوندو آھي ۽ ايترو ڊگھو ھوندو آھي جو ٻڌي سگھجي<ref name="آسان فقه" />. جيڪڏهن اھو مسنون يا سنت مطابق ڪفن موجود نہ ھجي تہ عورت لاء ٽي ڪپڙا ازرا ۽ چادر ۽ سربند ڪافي آھن<ref name="آسان فقه" />. حنفي مذهب مطابق جيڪڏهن اھو ڻہ نہ ھجي تہ جيترو ڪپڙو موجود ھجي ڪافي آھي ۽ باقي جسم جي اوگهڙ کي گاھ وغيره سان لڪائجي<ref name="آسان فقه" />. عورت کي ڪفن پارائڻ لاء پھرين ڪفن جي چادر ڪنھن تختي وغيره تي وڇائبي آھي ۽ چادر جي مٿان گوڏ يا ازرا ۽ پوء سيني بند وڇائبي آھي. ميت کي ڪفني پھرائي ان جي وارن جا ٻہ حصا ڪري سڄي ۽ کٻي ڪفني جي مٿان سيني تي وڌا ويندا آهن پوء سر بند يا رئو مٿي تي پھرائي منھن تي وجھبو آھي<ref name="آسان فقه" />. ان کي ويڙھبو ہا ٻڌبو ناھي صرف منھن کي ڍڪبو آھي. ميت کي پوء سيني بند تي سمھاربو آھي ۽ پوء سيني بند کي اھڙي طرح ويڙھبو آھي جو سڄي پاسي وارو پلئه کٻي جي مٿان رھي يعني پھرين کٻي پاسي کان ويڙھبو آھي۽آھي ۽ پوء سڄي پاسي کان ۽ پوء ساڳي طريقي سان ازار ۽ چادر کي ويڙھبو آھي<ref name="آسان فقه" />. ڪفن کي پوء مٿي ۽ پيرن واري جاء کان اڳڙي سان ٻڌي ڇڏبو آهي. ھوا جي ڪري کلي نہ پئي ان ڪري چيلھ واري ھنڌ کان بہ اڳڙي سان ٻڌبو آهي<ref name="آسان فقه" />.
 
== نئون ڄميل مئل ٻار==