ڪفن: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سِٽَ 2:
 
==مرد جو ڪفن==
حنفي مذهب مطابق مرد جي ڪفن ۾ ٽي ڪپڙا سنت آھي جن ۾ ڪفني، گوڏ يا ازرا ۽ چادر شامل آهن. ڪفني ھڪ چولو ھوندو آھي جيڪو ڳچي کان پيرن تائين ھوندو آھي جنھن ۾ قميص وانگر ٻانھون نہ ٿينديون آهن<ref name="آسان فقه" />. ازرا يا گوڏ مٿي کان وٺي پيرن تائين ھوندي آھي ۽ چادر وري ان کان ھڪ ھٿ ڊگھي ھوندي آھي جيئن مٿي ۽ پيرن جي پاسي کان ان کي ٻڌي سگھجي<ref name="آسان فقه" />. جيڪڏهن اھو مسنون يا سنت مطابق ڪفن موجود نہ ھجي تہ مرد لاء ٻہ ڪپڙا ازرا ۽ چادر ڪافي آھن. حنفي مذهب مطابق جيڪڏهن اھو ڻہ نہ ھجي تہ جيترو ڪپڙو موجود ھجي ڪافي آھي ۽ باقي جسم جي اوگهڙ کي گاھ وغيره سان لڪائجي. مرد کي ڪفن پارائڻ لاء پھرين ڪفن جي چادر ڪنھن تختي وغيره تي وڇائبي آھي ۽ چادر جي مٿان گوڏ يا ازرا وڇائبي آھي. ميت کي ڪفني پھرائي گوڏ يا ازرا تي سمھاربو آھي ۽ پوء گوڏ کي اھڙي طرح ويڙھبو آھي جو سڄي پاسي وارو پلئه کٻي جي مٿان رھي يعني پھرين کٻي پاسي کان ويڙھبو آھي۽ پوء سڄي پاسي کان ۽ پوء ساڳي طريقي سان چادر کي ويڙھبو آھي<ref name="آسان فقه" />. ڪفن کي پوء مٿي ۽ پيرن واري جاء کان اڳڙي سان ٻڌي ڇڏبو آهي. ھوا جي ڪري کلي نہ پئي ان ڪري چيلھ واري ھنڌ کان بہ اڳڙي سان ٻڌبو آهي<ref name="آسان فقه" />.
 
==عورت جو ڪفن==