عيد نماز: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
 
سِٽَ 1:
[[File:Eid ul-Fitr praying in Grand Mosque of Urmia - 1926.jpg|thumb|280px|عيد جي نماز جو ھڪ ڏيک]]
 
'''عيد نماز''' (Eid prayers) (عربي: صلاة العيد) ٻن اسلامي ڏڻن (عيدين) جي موقعن تي ادا ڪئي ويندڙ خصوصي نماز آھي۔
[[عيد الفطر]] جي نماز پھرين [[شوال]] تي ادا ڪئي ويندي آھي۔ [[عيد الاضحيٰ]] جي نماز ڏھ [[ذوالحج]] تي ادا ڪئي ويندي آھي. ٻنھي موقعن تي ھي خصوصي نمازون عام طور تي [[عيد گاهه|عيد گاھ]] ۾ ادا ڪيون وينديون آھن۔ عيد جي نماز ۾ ٻہ رڪعتون واجب شامل آهن ۽ ان جي صحيح ۽ واجب ھجڻ لاء ساڳيا شرط آھن جيڪي جمعي جي نماز جا آھن پر عيد جي نماز ۾ خطبو شرط ناھي جيڪو جمعي جي نماز ۾ لازمي شرط ھوندو آھي<ref name="آسان فقه" />. عيد نماز ۾ خطبو سنت آھي. عيد جي نماز جو وقت سج نڪرڻ سان پيلاڻ جي ختم ٿيڻ بعد شروع ٿئي ٿو ۽ سج جي زوال تائين جاري رھي ٿو پر مستحب آھي تہ عيد نماز ۾ دير نہ ڪئي وڃي. اھا نماز اڪيلي سر نہ ٿي پڙھي سگھجي<ref name="آسان فقه" />. ان جي قضا ڪانہ ٿيندي آهي. ھن نماز ۾ اذان ۽ اقامت نہ ٿيندي آهي. اھل حديث وارن لاء عيد نماز ۾ عورتن جي ۽ ٻارن جي شرڪت سنت آھي<ref name="آسان فقه" />. عيد جو خطبو سنت آھي پر ان جو ٻڌڻ واجب آهي.خطبو نماز بعد پڙھڻ سنت آھي<ref name="آسان فقه" />. ٻہ خطبا پڙھڻ ۽ ٻنھي جي وچ ۾ جمعي جي نماز جي خطبي واري وقفي جيترو ويھڻ سنت آھي<ref name =" آسان فقه" > - ڪتاب: آسان فقه، از: مولانا محمد يوسف اصلاحي، مترجم: محمد عاشق ڌامراھا، مھراڻ اڪيڊمي شڪارپور، جنوري 2002 - صہ 279 </ref> .