مختيار علي انڙ: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگ: 2017ع ذريعو سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 2:
''' مختيار علي انڙ''' ([[انگريزي ٻولي|انگريزي]]:[Mukhtiar Ali Unar]، جنم: 1 سيپٽمبر 1964ع) [[سنڌ]] جو مشھور تعليمي ماھر، اليڪٽرانڪ انجنيئرنگ جو پروفيسر، محقق ۽ ليکڪ آھي<ref>https://www.researchgate.net/profile/Mukhtiar_Unar</ref><ref>https://publons.com/researcher/1446309/mukhtiar-ali-unar-meritorious-professor-mehran-uni/</ref>. ھن انجيئرنگ سان گڏوگڏ سنڌ جي تاريخ،ادب ۽ ثقافت تي پڻ ڪافي مضمون ۽ مقالا لکيا آھن.
 
مختيارعلي انڙ جو جنم [[:en:Matiari_District|مٽياري]] ضلع جي [[دين محمد انڙ (ڳوٺ)|ڳوٺ دين محمد انڙ]] ۾ ٿيو. مئٽرڪ جوامتحان [[:en:Tando_Jam|ٽنڊوڄام]] مان ۽ انٽرميڊئيٽ سنڌ جي مشھور ۽ تاريخي تعليمي اداري [[:en:Government_College_University,_Hyderabad|گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد]] مان حاصل ڪيائين. ان بعد [[انجنيئرڱ ۽ ٽيڪنيڀياس جي مهراڻ يونيورسٽي|مھراڻ يونيورسٽي آف انجينيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي ڄامشورو]] مان اليڪٽرانڪ انجينيئرنگ جي سند حاصل ڪيائين. ماسٽر آف انجينيئرنگ ۽ پي ايڇ ڊي جي ڊگري [https://www.gla.ac.uk گلاسگو يونيورسٽي] [[اسڪاٽلينڊ]] مان حاصل ڪيائين.
 
مختيار علي انڙ 1986ع ۾ مھراڻ يونيورسٽي آف انجينيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي جي اليڪٽرانڪ شعبي ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو ۽ 2000ع ۾ پروفيسر جي عھدي تائين پھتو.2010ع کان ميريٽوريس پروفيسر طور ڪم ڪري رھيو آھي<ref>https://cs.muet.edu.pk/staff-members/prof-dr-mukhtiar-ali-unar/</ref>. ھو 2006ع کان 2012ع تائين مھراڻ يونيورسٽيءَ جي ڪمپيوٽر سسٽم ۽ سافٽ ويئر انجيئرنگ شعبي جو چيئرمين، 2010ع کان 2017ع تائين انسٽيٽيوٽ آف انفارميشن ٽيڪنالاجي جو ڊائريڪٽر رھيو. ڪجھ وقت مھراڻ يونيرسٽي خيرپور ڪئپس جو پرو وائيس چانسلر رھيو. اليڪٽريڪل، اليڪٽرانڪ ۽ ڪمپيوٽر جو ڊين پڻ رھيو<ref>https://sindhsalamat.com/members/8354/</ref>. 2008ع کان [[مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجيءَ جو تحقيقي رسالو|مھراڻ يونيورسٽي ريسرچ جنرل آف انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي]] جو چيف ايڊيٽر آھي.