ڳوٺ دين محمد انڙ: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 1:
دين محمد انڙ (انگريزي: Din Muhammad Unar) تعلقي [[مٽياري|مٽياريءَ]] جي [[ديھ سپڪي]] ۽ [[يونين ڪائونسل موسيٰ کٽياڻ]] جو هڪ ڳوٺ آهي. هي ڳوٺ تعلقي مٽياري ۽ تعلقي حيدرآباد (ٻهراڙي) جي سنگم تي آباد آهي. هي ڳوٺ [[ٽنڊو ڄام|ٽنڊي ڄام]] کان اٽڪل 10 ڪلوميٽر اتر ۾ ۽ [[الهڏنو ساند (ڳوٺ)|ڳوٺ الهڏني ساند]] کان اٽڪل 5 ڪلوميٽر اوڀر ۾ واقع آهي. هن ڳوٺ کان هڪ پراڻو رستو ڳوٺ محمد عارف کٽياڻ وڃي ٿو. هن ترقي يافته دور ۾ به هي رستو اڃا ڪچو آهي. هن ڳوٺ ۾ فقط انڙ ذات وارا ماڻهو رهن ٿا. هي ڳوٺ ٽنڊي ڄام کان شاهپور درپور ويندڙ پڪي رستي جي ڀر ۾ قائم ٿيل آهي. ڳوٺ جا اڪثر رهواسي پير پاڳاري جا حر مجاهد آهن. 1971ع ۾ پاڪستان ۽ هندستان جي وچ ۾ ٿيل جنگ ۾ هتان جي ٻن حر مجاهدن مرحوم يار محمد انڙ ۽ محمد يعقوب انڙ پير پاڳاري جي سڏ تي کوکراپار واري سرحد تي پاڪستاني فوج سان گڏجي جنگ ۾ حصو ورتو.
هتان جو بزرگ محمد انڙ پنهنجي سخاوت سبب سڄي سنڌ ۾ مشهور هو. ڳوٺ کان ٿوري ئي مفاصلي تي [[واحد ڏنو انڙ|ڳوٺ واحد ڏني انڙ]] ۾ سنڌ جي مشهور حڪيم پير حاجن شاه جو دواخانو هو. هن حڪيم وٽ پري پري کان مريض علاج لاءِ اندا هئا. انهن مان اڪثر مريض حڪيم صاحب کان دوا وٺي محمد انڙ وٽ اچي ماني کائيندا هئا. محمد انڙ کي ماڻهو ”محمد ٻوڙو“ ڪوٺيندا هئي ڇاڪاڻ جو هو ڪنن کان ٻوڙو هو. هن 1960ع ڌاري وفات ڪئي.
پير بخش انڙ پنهنجي علائقي جو هڪ مشهور سماجي ڪارڪن ۽ والي بال جو بهترين رانديگر هو. مهراڻ يونيورسٽيءَ جو پروفيسر [[مختيار علي انڙ]] ۽ مشهور ليکڪ عنايت انڙ به هن ڳوٺ سان واسطو رکن ٿا. عنايت انڙ جو ڪتاب ”اکر اکر اسرار“ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران 2018ع ۾ ڇپايو ويو آهي<ref>{{حوالو_ويب|url=https://drive.google.com/file/d/1uEdRXZeGrbaSlprbvGal7dxH7I42Dp1Y/view?usp=embed_facebook|title=akhr akhr arsy - `nayt anR.pdf|website=Google Docs|access-date=2020-03-20}}</ref>،<ref>عنايت انڙ: اکر اکر ۾ اسرار، آئي ايس بي اين: 978-969-625-019-7، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، 2018. </ref>. هي ڪتاب مشهور صوفي شاعر محمد فقير کٽياڻ جي شاعريءَ تي لکيل آهي.
 
== حوالا ==