نازو ڌاريجو: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سِٽَ 18:
==بابت ڄاڻ==
نازو ڌاريجو سنڌ جي هڪ ٻهراڙيءَ واري ڳوٺ ۾ پنهنجي والدين، ٻن ڀينرن ۽ هڪ ٻڍي ڀاءَ سان رهندي آهي. فلم جي شروع ۾، سندس پيءُ پنهنجي ڌيئرن ۽ پنهنجي پُٽَ کي پڻ زمين جي قدر ڪرڻ ۽ ان جو دفاع ڪرڻ جي لاءِ حوصلاافزائي ڪئي آهي ته : " ڪجھ به ٿي پوي ڪوبه فرق نٿو پوي، توهان کي ان زمين جي حفاظت ڪرڻ جي ضرورت آهي. هي صرف زمين ناهي، هي توهان جو اعزاز آهي." نازو جو والد ۽ ڀاءُ گرفتار ٿيڻ کانپوءِ، سندس هڪ سازشي چاچو خاندان جي زمين (فارم) تي دعويٰ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. نازو، پنهنجي ماءُ ۽ ڀينرن سان گڏجي، پنهنجي زمين جو دفاع ڪري ٿي، ايتري قدر جو جڏهن سندن چاچي پاران ڀاڙي تي گهرائيل 200 هٿياربند ڌاڙيل حملو ڪري ڏين ٿا.
 
==سماجي خدمتون==
وڏيري [[نازو ڌاريجو]] [[سنڌ]] جي هن بهادر نياڻي جي زندگي تي “ماءِ پيور لينڊ ” فلم به ٺهي چڪي آهي. سنڌ جي ضلعي شهيد [[بينظيرآباد]] سان تعلق رکندڙ وڏيري نازو ڌاريجو جيڪا ھڪ وڏيري هجڻ سان گڏوگڏ ھڪ آبادگار به آھي- خود ٻني ۾ پورهيو ڪري ٿي ۽ ڦٽيون پڻ چونڊ سان گڏ ٻني جو ٻيو ڪم ڪاري به ڪندي آهي ته ھاري مزدورن جي مسئلن کان به واقف آهي، وڏيري نازو پنهنجي گهر ۽ ٻارن کي سنڀالڻ سان گڏ پنهنجو تحفظ به ڄاڻي ٿي ۽ هوءَ گهوڙي تي چڙهي ڪلهي ۾ ڪلاشنڪوف وجهي ٻني به گهمڻ ويندي آهي.نه صرف پنهنجو تحفظ پر 2010ع واري ٻوڏ ۾ جڏهن وڏن زميندارن پنهنجون زمينون بچائڻ لاءِ پاڻي جو رخ ٻئي پاسي موڙي ڇڏيو هو، جنهن سان ڪيترا ئي ڳوٺ ۽ هزارين ايڪڙ زمين ٻڏي. اهڙي صورتحال ۾ هن پنهنجن ماڻهن ۽ زمينن کي بچائڻ لا سرزمين تي پهچي اُهي غير قانوني ڪٽ بند ڪرايا.
 
*تازو قاضي احمد لڳ يونين ڪائونسل پٽ پيرل جي ڳوٺ مٺو ڏيٿو ۾ فوت تي ويل ٽن ورهين جي معصوم فرحان علي پٽ فقير محمد ڏيٿو جي لاش کي قبرستان ۾ دفنائڻ کان روڪڻ واري مامري تي وڏيري نازو ڌاريجو دليري سان سڀني کان اڳيان هئي، مردن جيان سندس جي لاڳتي ڪوشش ۽ اعلى اختيارين سان مسلسل رابطي ۾ رهڻ بعد مذڪوره معصوم ٻارڙي جو لاش ساڳئي ئي قبرستان ۾ دفن ٿيو.
 
==سياسي پسمنظر==