سرويچ سجاولي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 1:
'''سرويچ سجاولي''' (انگريزي: Sarvech Sujawali؛ جنم: 14 مارچ 1937ع - وفات: 22 آڪٽوبر 2007ع ) سنڌ جو قادرالڪلام عوامي شاعر هو. هن شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي آهي. شاعر هجڻ سان گڏوگڏ هو هڪ بي لوث سياسي ۽ سماجي ڪارڪن پڻ هو. آمريت جي خلاف جدوجهد ۾ کيس قيد ۽ بند جون صعوبتون به سهڻيون پيون.
{{مبسس4}}محمد صديق المعروف سرويچ سجاولي ولد خميسو خان تارڙه 14 مارچ 1937ع
۾ ڳوٺ ابراهيم تارڙه لڳ سجاول ضلعي ٺٽي ۾ پيدا ٿيو. پاڻ قادرالڪلام ۽ انقلابي عوامي شاعر هو.
 
<br />
پاڻ 25 آڪٽوبر 2007ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.
 
== ننڍپڻ ==
سرويچ سجاوليءَ جو اصل نالو محمد صديق ولد خميسو خان تارڙ هو. سندس جنم 14 مارچ 1937ع ۾ سجاول ضلعي جي شهر ابراهيم تارڙي ۾ ٿيو<ref>{{حوالو_ويب|url=http://www.encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=سرويچ%20سجاولي|title=سرويچ سجاولي : (Sindhianaسنڌيانا)|website=www.encyclopediasindhiana.org|language=sd|access-date=2020-03-13}}</ref>. سندس والد هڪ غريب هاري هو. فقط چار درجا اسڪول ۾ پڙهي سگهيو ۽ ان کان پوءِ پنهنجي پيءُ سان گڏ ٻني ٻارو ڪرڻ ۽ مال چارڻ لڳو. هڪ غريب هاريءَ جي ڪٺن زندگي ۽ زميندارن جي ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ هن جي حساس ذهن کي جهنجهوڙي وڌو ۽ اندر جا اڌما شعرن جي صورت ۾ ٻاهر نڪرڻ لڳا. هو مرحوم مولوي حاجي احمد ملاح جي شاعريءَ کان گهڻو متاثر هو ۽ 1957ع باقاعدي شاعري ڪرڻ لڳو. 1958ع ۾ هڪ جلسي ۾ شعر پڙهيائين. ان جلسي ۾ وقت جو ڪليڪٽر محمد يوسف جوڻيجو به موجود هو، جنهن کي سرويچ جي شاعري ڏاڍي پسند آئي. جڏهن کيس خبر پئي ته هڪ غريب هاريءَ جو پٽ آهي ته هن کي سجاول ٽائون ڪاميٽيءَ ۾ منشيءَ جي نوڪري وٺي ڏنائين. انهيءَ نوڪريءَ دوران سرويچ سنڌي فائنل (سنڌي ست درجا) پاس ڪري ورتو ۽ 1973ع کان 1977ع تائين ٽائون ڪاميٽي سجاول ۽ دڙي جو ايڊمنسٽريٽر ٿي ڪم ڪيائين.
<br />
 
== شاعري ==
{{ڪچو}}
سرويچ سجاولي هڪ عوامي شاعر آهي. سندس لفظن ۾ جادو آهي. نج ۽ ٺيٺ سنڌي لفظ سندس شاعريءَ ۾ هڪ عجيب ميٺاج پيدا ڪن ٿا. سندس شاعري ڪيترن ئي سنڌي فنڪارن جي آواز ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي رڪارڊ ٿي ۽ عوام ۾ بي انتها مشهور ٿي. نالي واري ڳائڻيءَ ڀڳونتي ناواڻيءَ سندس ڪجه ڪلام آڪاش واڻيءَ لاءِ به رڪارڊ ڪيا جيڪي هندستان جي سنڌي ٻڌندڙن ۾ اڄ به مشهور آهن. سندس شاعريءَ جو مجموعو ”اکيون آليون اڻڀا وار“ 1972ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو.
 
پاڻ 25 آڪٽوبر 2007ع تي هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪيو<ref>{{حوالو_ويب|url=http://beta.dawn.com/news/272379/firebrand-poet-sarvech-sujawali-dies|title=Firebrand poet Sarvech Sujawali dies|last=Khwaja|first=Iqbal|date=2007-10-23|website=DAWN.COM|language=en|access-date=2020-03-13}}</ref>.
 
== حوالا ==
 
== ==
[[زمرو:شخصيتون]]
[[زمرو:سنڌي ماڻھو]]