الھڏنو نوناري: جي ورجائن ۾ تفاوت
ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
Shuaib-bot (بحث | ڀاڱيداريون) م Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ |
سنوار جو تَتُ ڪونهي ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار |
||
سِٽَ 1:
استاد الهڏنو نوناري، سر زمين [[سنڌ]] جو ممتاز گائڪ ٿي گذريو آهي، هن باگڙجي، ضلعي شڪارپور ۾ -جنم- ورتو. هيءُ سنڌ جو پهريون گائڪ هو، جنهن ديسي سنڌيءَ راڳ سان گڏ، ڪلاسيڪي موسيقيءَ ۾ به مهارت حاصل ڪئي. خاص طور تي ”تان“ ۾ وڏي مهارت رکندو هو. -استاد عاشق علي خان- جو شاگرد بڻيو ۽ گهڻي ڀاڱي سندس انداز ۾ ئي ڳائيندو هو ۽ اڪثر ساڻس گڏ ڳائيندو هو. سندس آواز، سنهو، اوچو ۽ لوچدار هو، جنهن ۾ عجيب ترنم ۽ سوز موجود هو. هن خاصيت سبب هُو ڪافيون ۽ مرثيا نهايت پرسوز انداز ۾ ڳائي سگهندو هو. هن کي ”تلنگ“ راڳ تي وڏي مهارت حاصل هئي، -ان- کان سواءِ -آسا- ۽ -ڀيروي- به ڪمال جي ڳائيندو هو. هن ممبئي، لکنئو ۽ مدراس ۾ به پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري پاڻ ملهايو. سندس سوين ڪلام ريڪارڊ ٿيل آهن. هن 1951ع ڌاري وفات ڪئي.
== حوالا ==
|