ستي (هندو ديوي): جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
←‏گيلري: مضمون کي بهتر بڻايو
ٽيگ: 2017ع ذريعو سنوار
سِٽَ 1:
{{صندوق معلومات شخص}}
'''ستي''', '''اُما ديوي''' (شڪتي اسٿان هنگلاج پس منظر) هندو ڏند ڪٿائن موجب اُما ديوي دڪشا، پرجا پتيءَ جي ڌيءَ هئي، جيڪا [[شِو]] مهاديو سان پرڻي، دڪشا کي پنهنجي ناٺيءَ جي زندگيءَ جو ڍنگ پسند نه هو، -ان- ڪري هن شِو کي پنهنجي يگيه ۾ ڪوٺ نه ڏني. ان تان اُما ديويءَ پنهنجي مڙس جي بي عزتي برداشت ڪري نه سگهي ۽ هن پاڻ کي يگيه جي اگني ڪنڊ ۾ ٽپو ڏئي ساڙي ماريو. ائين هوءَ مڙس سان سچي ٿي، انڪري هن کي ’ستي’ (Sati) به چوندا آهن. ان شديد صدمي سبب [[شِو|شِوَ]] مهاديو ڪاوڙ ۾ تپي باهه ٿي ويو ۽ پنهنجي جٽا مان وير ڀدر کي پيدا ڪيائين ۽ کيس راجا دڪشا کي ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنائين، جنهن سندس سر وڍي ڇڏيو. ٻئي طرف [[شِو|شِوُ]] [[ڀڳوان]] ”ستيءَ“ جو لاش کنيو بي خوديءَ ۽ بي حاليءَ ۾ ڀٽڪندو رهيو، تڏهن [[ڀڳوان]] وشنوءَ پنهنجي قوت سان ”ستيءَ“ جي لاش جا 52 ٽڪرا ڪري سڄي جڳ ۾ پکيڙي ڇڏيا، -جتي- جتي اهي ٽڪرا ڪريا، اتي شڪتي اسٿانن جو بنياد پيو.
 
سندس ٻيا به نالا آهن، جهڙوڪ: شڪتي ديوي، (Goddess of Power)، مها ديوي (Great Goddess)، [[درگا|دُرگا ديوي]]، ان پورنا ديوي، جگن ماتري ديوي، -[[پاروتي]]-، [[ڪالي|ڪالي ديوي]] ۽ ٻيا گهڻا. اما دراوڙي نالو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي مها ماتا. ان جي ماڻهن، جهنگ جي مرن (جانورن) ۽ آسماني گرهن تي حڪمراني هلندي هئي. اهو به تصور ڪيو ويو آهي ته روحن تي برتري Transcendence مهل کين ڇوٽڪارو ڏيندي آهي. پوئين دور ۾ هن ديويءَ سان گڏ [[ببر شينهن|شينهن]] ۽ [[جبل]] به ڏسجي ٿو. اهڙيون ڳالهيون انهن آرين شامل ڪيون آهن، جيڪي [[سنڌ]] مان گذري مشرق قريب پهتا هئا. هن ديويءَ جو ”اُما“ نالو ڏکڻ [[ڀارت|هندوستان]] ۽ پنجاب ۾ به تمام گهڻو مشهور آهي، ڇاڪاڻ ته اهي دراوڙي علائقا آهن. سنڌ جي هيءَ اُما ديوي سمير ۾ به اُما Umaa ديوي بنجي وئي. سندس پيءُ جو نالو سِن (Sin) ٻڌايو وڃي ٿو، يعني [[سنڌ]]. حقيقت به اها آهي ته هيءَ ديوي سنڌ کان هتي پهتل هئي، بعد ۾ هيءَ بابل جي اهم ديوي Primal Goddess of Babylon بنجي وڃي ٿي، ڇاڪاڻ ته هنن سميرين وارو مذهب اختيار ڪيو هو، جيڪو دراصل سنڌ جو مذهب هو ۽ انهن مقدس مورتين جا به نالا به ساڳيا سميري رکيا هئا. ڪن عالمن جو رايو آهي ته سمير جا قديم آبادڪار [[سنڌ]] کان آيا هئا، جيڪڏهن چڱيءَ ريت جاچي ڏسبو ته [[ميسوپوٽيميا|ميسو پوٽاميا]] جو ۽ سنڌ جو مذهب به بلڪل ساڳيو آهي.<ref>http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=اُما%D8%A7%D9%8F%D9%85%D8%A7%20%D8%AF%D9%8A%D9%88%D9%8A20ديوي</ref>
 
== گيلري ==
<Gallery>
File:Kalighat Shiva mourns Sati.jpg|'''شيوا ستي جي ڏُک ۾'''
سِٽَ 13:
== حوالا ==
{{حوالا}}
 
{{هندو ديوتا ۽ لکتون}}
 
[[زمرو:پاروتي جا اوتار]]
[[زمرو:پاڪستان]]
[[زمرو:تاريخپرڻو ديوتا]]
[[زمرو:تاريخ]]
[[زمرو:تاريخي ماڳ]]
[[زمرو:سنڌ]]
[[زمرو:شخصيتون]]
[[زمرو:سنڌشيوا جون ساٿياڻيون]]
[[زمرو:تاريخ]]
[[زمرو:پاڪستان]]
[[زمرو:مذهب]]
[[زمرو:تاريخيهندو ماڳديويون]]