اينيو: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
م خودڪار: اضافو زمرا +ترتيب (14.9 core): + 5 زمرو
ڳنڍڻن کي شامل/بهتر ڪيو
 
سِٽَ 14:
|Roman_equivalent = [[بيلونا (ديوي)|بيلونا]]
}}
'''اينيو''' ({{lang-en|Enyo}}) ڪلاسيڪل يوناني [[ڏند ڪٿا|ڏندڪٿائن]] ۾ اينيو جنگ جي ديوي ھئي. اھا گھڻي قدر جنگي خدا آريس سان لاڳاپيل آھي.
== تفصيل ==
ڪوئنٽس سمرنيئس انکي ”جنگ جي ڀيڻ“ سڏيو آھي،<ref>[[Quintus Smyrnaeus]], ''Fall of Troy'', [https://archive.org/stream/falloftroy00quin#page/374/mode/2up 8.424].</ref> ھڪ اھڙي ئي ڪردار ۾ جنھن ۾ ايرس سان مشابھت رکي ٿي، ھومس سان، جھڳڙو ۽ اختلاف جو مجسمو، ھڪ ئي ديوي جي حيثيت سان ٻنھين جي نمائندگي ڪندڙ ديوي آھي. ڪُجھ [[ڏند ڪٿا|ڏندڪٿائن]] ([[افسانو|افسانن]]) ۾ ان جي سُڃاڻپ جنگي ديوتا ايناليئس جي ماءُ طور پڻ ڪئي وئي آھي، ۽ انھن ڏندڪٿائن ۾، آريس جي پيءُ طور پڻ اشارو ڪيل آھي، تنھن ھوندي، مذڪر جي نالي سان اينيلياس يا اينيليوس پڻ آريس جي لقب طور استعمال ڪري سگھجي ٿو.<ref>{{cite book|url=https://archive.org/details/companiontoiliad0000will|title=A companion to the Iliad : based on the translation by Richard Lattimore|last=Willcock|first=Malcolm M.|publisher=University of Chicago Press|year=1976|isbn=0-226-89855-5|edition=[9th print.]|location=Chicago|page=[https://archive.org/details/companiontoiliad0000will/page/58 58]|url-access=registration}}</ref> جنگ جي ديوي جي حيثيت سان، اينيو شھرن جي تباھيءَ کي وَڌائڻ لاءِ ذميدار آھي، جيڪا اڪثر آريس سان گڏجي جنگ ۾ شامل ٿيندي آھي. کيس "جنگ ۾ اعليٰ" طور ڏيکاريو ويو آھي. ٽرواءِ جي انت دوران، اينيو ايريس سان گڏجي، جنگ ۾ دھشت ۽ رتوڇاڻ سميت (”تڪرار“)، فوبوس (”ڊپ“) ۽ ڊيموس (”ڊڄ“) پيدا ڪيو، اھي پوءِ ۾ ذڪر ڪيل فوبوس (”ڊپ“) ۽ ڊيموس (”ڊڄ“) ايريس جا ٻہ پُٽ ھيا. ھوءَ، ايريس ۽ ايريس جا ٻہ پُٽ اچيليس جي ڍال تي ڏيکاريل آھن. اينيو ٿيبس جي خلاف ست جي جنگ (وار آف سيون) ۽ ھندستانين سان ڊائيونس جي جنگ ۾ پڻ شامل ھُئي. اينيو جنگي ويڙھ منجھان ايتري تہ خوش ھُئي ايتري قدر جو ھن زيئوس ۽ راڪشس ٽائيفون جي وچ ۾ لڳندڙ جنگ ۾ حصو وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو:
 
<blockquote> ايرس (جھڳڙو) ميلئي ۾ ٽائفن جو محافظ ھيو، نائڪ (سوڀارو) پاران زيئوس کي جنگ ۾ آڻي ڇڏيو … اَڻ ڌُريو (غير جانبدار) اينيو ٻنھين ھڪٻئي جي مخالف زيوس ۽ ٽائفن جي وچ ۾ برابري توازن برقرار رکيو، جڏھن تہ تيز رفتار شاٽس واري گجندڙ چمڪندڙ آسمان تي نچندي ظاھر ٿيا. </blockquote>