يُورَپ: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سِٽَ 45:
گرم صاحب جنهن علم لغات جا اصول يا ترتيب بيهاريا هئا، جنهنڪري اهي اڄ تائين سندس نالي پٺيان ”گرم جا قاعدا“ (Grimm's Laws) سڏجن ٿا، تنهن جو چوڻ هو ته، يورپ جون سڀ قومون اصل آيون ئي ايشيا کان آهن.“<ref>{ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو {{cite web|url=http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page10.html#_ftn4}}{{"All the nations of Europe migrated anciently from Asia." Jacob Grimm.}}}
</ref>
==يورپ ۾ اسلام==
 
يورپ ۾ اسلام جي آمد 711ع ۾ مسلمانن جي بربر فوج جي [[گوٿ|گوٿن]] کي شڪست ڏئي آئبيرين اپٻيٽ (موجوده [[اسپين]] ۽ [[پورچوگال]]) جي فتح ڪرڻ سان ٿي. مسلمانن ان فتح بعد [[گال]] (موجوده [[فرانس]]) ۾ داخل ٿي پر کين 732ع ۾ [[پواتييي]] (Poitiers) ۾ شڪست ملي. مسلمان خاندانن لاڳيتو [[سسلي]]، [[مالٽ]]ا ۽ [[سسلي]] جي شھر [[سرقوس]] (Syracuse) تي نارمن جي 1090 يا 1091 تائين حڪومت ڪئي. اسلامي حڪومت سڀ کان گھڻو [[آئبيريا اپٻيٽ|آئبيريا]] ۾ ھلي ۽ [[خلافت بنو اميه]] ((912–1031)) جي دؤر ۾ عروج تي پھتي ۽ ان جو خاتمو گريناڊا جي ھار (1492) ۾ ٿيو جنھن سان [[فلپ ٽيون|فلپ ٽئين]] مور نسل جي مسلمانن کي ڌوڪي اسپين مان ٻاھر ڪڍيو ۽ جيڪي مسلمان باقي اتي بچيا انھن کي 1609 کان 1614 تائين زبردستي بپتسما ڏيارائي عيسائي ڪرائي ڇڏيو. اوڀر يورپ واري پاسي کان [[اناطوليه|اناطولي]] ترڪن تيرھين صدي عيسويءَ ۾ [[بلقان]] تي حملو ڪري قبضي ۾ آندو ۽ اسلام [[خلافت عثمانيه]] جي يورپ ۾ فتحن سان گڏ ڦھلجڻ شروع ٿيو. عثماني ترڪن 1453ع ۾ [[بازنطيني ايمپائر]] جي گاديءَ جو هنڌ [[استنبول|قسطنطنيه]] فتح ڪري ورتو. پندرھين کان سترھين صدي عيسويءَ تائين پولينڊ، لٿونيا، ھنگري ۽ بڊاسپٽ مسلمانن جي حڪومت ھيٺ رھيا. ويھين صديءَ جي شروعات ۾ خلافت عثمانيه جي شڪست، ٻن عظيم جنگن، يوگوسلاويه جي ٽٽڻ، ۽ بلقان وارين جنگن پولينڊ ۽ ھنگري ۾ مسلم آبادي کي ختم ڪري ڇڏيو پر بلقان وارن علائقن م مسلمانن جي چڱي آبادي بچي وئي. اولھ يورپ ۾ اسلام 1950 واري ڏھاڪي کان ڏکڻ ايشيا، آفريڪا ۽ وچ اوڀر مان مسلمانن جي برطانيا، فرانس، جرمني، نيدرلينڊز، اٽلي، اسپين، منتقلي ۽ مقامي آبادي جي مذھب جي تبديلي سان وڌڻ شروع ٿيو. اندلس جي گادي جي هنڌ [[قرطبه]] (Cordoba) يورپ جي وچولي دؤر ۾ سڀ کان وڏو ۽ امير ترين شھر ھوندو ھو. ان ۾ سرن جي فرش واريون فانوسن واريون گھٽيون ھيون، اتي پاڻي جو بندوبست، ڪپڙي جا ڪارخانا، ڪاغذ ۽ شيشي جون فيڪٽريون، عوامي حمام، کوڙ لائبريريون مفت اسڪول پڻ ھيا. بغداد ۽ قاھرہ وانگر ھتي بہ ھڪ وڏي مرڪزي مسجد واقع ھئي جنھن ۾ يورپ جي پھرين يونيورسٽي قائم ٿي.
 
== جاگرافي ==