چراغ علي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو:   '''چراغ علي'''{{ٻيا نالا|انگريزي= ''' Chirag Ali'''}} (1844–1895) اوڻوھين صدي جو ھڪ مذھبي اصلاح پسند ۽ سيڪيولر...
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
 
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سِٽَ 2:
'''چراغ علي'''{{ٻيا نالا|انگريزي= ''' Chirag Ali'''}} (1844–1895) اوڻوھين صدي جو ھڪ مذھبي اصلاح پسند ۽ سيڪيولر مفڪر ڪشميري مسلمان ھيو. جنھن پنھنجي عملي زندگيءَ جو آغاز برٽش انڊيا جي حڪومت ۾ ملازمت سان ڪيو ۽ اتر انڊيا ۾ نوڪري ڪئي<ref name="انسائيڪلوپيڊيا آف اسلام" />. 1877 ۾ نظام حيدرآباد دکن جي درٻار ۾ سياسي سيڪريٽري طور مقرر ٿيو<ref name="انسائيڪلوپيڊيا آف اسلام" />. سر سيد احمد خان(وفات:1898) جي ويجھي ھمدردن مان ھيو. چراغ علي انھن ڪتابن ۽ مضمونن جي ڪري مشھور ٿيو جن ۾ ھن علي ڳڙھ واري اسلامي جدت واري پروگرام کي رٿيو ھو<ref name="انسائيڪلوپيڊيا آف اسلام" />. چراغ علي مطابق قرآن عبادت ۽ اخلاق جي معاملن ۾ رھنمائي رکي ٿو پر سندس خيال م حڪومت يا قانونسازي ۾ قرآن مان صحيح رھنمائي نہ ٿي ملي سگھي<ref name="انسائيڪلوپيڊيا آف اسلام" />. ھن برطانوي [[استشراق|مستشرقن]]، عيسائي مبلغن ۽ مسلمان روايت پسندن جي ان خيال جي مخالفت ڪئي تہ اسلام ديني رياست (مذھب ۽ رياست جي جوڙ) جي تصديق ڪري ٿو ۽ اھو تہ اسلام ناقابل تغير آهي<ref name="انسائيڪلوپيڊيا آف اسلام" />. ھن جي مطابق اسلامي حڪومت ۽ شريعت گھڻي ڀاڱي انساني تخليقون آهن ۽ مختلف علائقن جي تاريخي حالتن ۾ تبديل ٿيڻ جي صلاحيت رکندڙ آھن<ref name="انسائيڪلوپيڊيا آف اسلام" />. جھاد لاء ھن جو خيال ھيو تہ اھا ھڪ دفاعي حڪمت عملي ھئي جيڪا حضرت محمد {{درود}} ان وقت اختيار ڪئي جڏھن شروع ۾ مسلمان اڳرائي جي زد ۾ ھيا. ھن جي خيال مطابق جھاد جو مقصد مذھب جي نالي ۾ ھڪ جائز اڳرائي ٿيڻ ھرگز نہ ھو<ref name="انسائيڪلوپيڊيا آف اسلام" />. ھي انڊيا ۾ برطانوي راڄ جو بہ مخالف ھيو<ref name="انسائيڪلوپيڊيا آف اسلام" />. ھي روايتن جي بنياد تي ڏنل حڪومت، غلامي، رکيل عورتن، شادي، طلاق، ۽ غير مسلمانن جي حيثيت تي ڏنل فتوائن يا شرعي راء تي تنقيد ڪئي ۽ انھن فتوائن کي جديد مسلم معاشري جي گھرجن سان نہ ٺھڪڻ جي ڳالھ ڪندي اھڙين فتوائن تي نظرثاني يا انھن جي خاتمي جو مطالبو ڪيو<ref name="انسائيڪلوپيڊيا آف اسلام" />. ھن تسليم ڪيو سندس خيال تڪراري آھن پر ھن کي يقين ھو تہ ھن جاي انھن خيالن ذريعي مسلمان جديد دؤر ۾ مثبت تبديلي ۽ فڪري آزاديءَ جو ميدان جوڙي سگھن ٿا. ھن جديد لبرل اسلامي روايتن جي جڙڻ جي سوچ ڏيڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو<ref name="انسائيڪلوپيڊيا آف اسلام "> - Encyclopedia of Islam- Juan E. Campo J. Gordon Melton, Series Editor-: Facts On File, Inc. An imprint of Infobase Publishing 132 West 31st Street New York NY 10001
- pages# 138,139 </ref>.
 
==حوالا==
 
[[زمرو:سر سيد احمد ]]
[[زمرو:سيڪيوازم]]
[[زمرو: حيدرآباد دکن]]
[[زمرو: مسلمان مفڪر]]