اٺ: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سِٽَ 1:
[[عڪس:Dromedary camel.jpg|thumbnail|اٺ]]
'''اٺ''' (Camel Dromedery/Camels Dromedarious) جي ڪٽنب جون دنيا ۾ ڪُل چار جنسون آهن، جن ۾ ڏکڻ آمريڪي وڪونا Vicuna ڪل ڊيگهه 1.5 (5 فٽ)، لاما Guanaco ڪل ڊيگهه هڪ کان 2.1 ميٽر (3 کان 7 فٽ ) ٿئي ٿي. انهن جنسن کي ٿوها ڪونه ٿين. البته باختري اٺ (Camelus Bactrainus) کي ٻه ٿوها آهن. هن وقت هي دنيا جو واحد اُٺ آهي جيڪو اڃا به جهنگلي ماحول ۾ ملي ٿو. ٻن ٿوهن وارو اُٺ سڀ کان پهرين 3500 سال اڳ پالتو ٿيو پر اڃا به ڪي باختري اُٺ جهنگلي آهن. ان کان سواءِ باقي سڀ جنسون پالتو ٿي چڪيون آهن. هڪ ٿوهي اٺ Camel Dromedarius [[هندستان]] ۾ [[راجستان]] جي صحرا کان وٺي [[سنڌ]]، [[بلوچستان]]، [[ايران]]، عرب دنيا ۽ [[آفريڪا]] جي [[اوڀر]] ۽ اترين علائقن ۾ پالتو جانور طور ملي ٿو. اهو اٺ صحرا ۾ جهنگلي جيوت طور باقي نه بچيو آهي. هن جانور صحرائي زندگيءَ مطابق پاڻ کي مڪمل طرح ٺهڪائي ڇڏيو آهي. اٺ پنهنجي ٿوهي ۾ چرٻيءَ جو ذخيرو استعمال ڪندو آهي. جڏهن پاڻيءَ ۽ خوراڪ جي اڻاٺ هجي، تڏهن اهو جسم جو وزن 40 سيڪڙو تائين وڃائيندو آهي ۽ ٻين پالتو جانورن جي ڀيٽ ۾ (ٿڌين حالت ۾ [[پاڻي]] پيئڻ کان سواءِ ڇهه ست مهينا) وڌيڪ زندهه رهي سگهي ٿو.<ref name="اٺ">[http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D9%BA ''اٺ''] [[انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا]] (جي ويب-سرزمين) جلد پھريون، [[سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو]]، حيدرآباد. سال:2012ع</ref><ref name="camel">[https://en.m.wikipedia.org/wiki/Camel ''Camel''] انگريزي وڪيپيڊيا تي اٺ بابت مضمون</ref> اٺ جا ٻہ قسم آهن ھڪڙو ھڪ ٿوھي وارو اٺ {{ٻيا نالا|انگريزي= ''' Dromedary '''}}جيڪو عرب ملڪن، اتر آفريڪا، ايران ۽ انڊيا ۾ ٿئي ٿو ۽ ٻيون ٻن ٿوھن وارو اٺ يا جنھن کي بيڪٽريائي اٺ جيڪو وچ ايشيا، افغانستان ۽ ايران جي ڪجھ علائقن ۾ ملندو آھي<ref name="انسائيڪلوپيڊيا آف اسلام" />. ھڪ ٿوھي وارو اٺ جو اصل وطن عربستان آھي جيڪو 2500 ق م ۾ پالتو جانور ٿيو<ref name="انسائيڪلوپيڊيا آف اسلام" />. اھو عرب خاندبدوش يا بدوي زندگي جو لازمي حصو رھيو ۽ سواري ،ڪپڙن ۽ کاڌي طور ڪتب ايندو هو. ان کي '''ريگستان جو جھاز''' چوندا آهن. ان جو ذڪر عبراني بائيبل، قرآن ۽ نئين عھدنامي ۾ پڻ ٿيل آهي<ref name="انسائيڪلوپيڊيا آف اسلام" />. اھو عربن جي اسلام کان اڳ واري شاعري ۾ پڻ ھڪ پسنديده موضوع رھيو<ref name="انسائيڪلوپيڊيا آف اسلام" />. يھوديت ۾ ھن اٺ جو گوشت کائڻ حرام آھي پر اسلام ۾ ان جو گوشت حلال آھي<ref name="انسائيڪلوپيڊيا آف اسلام" />. نيل واري وادي ۾ ھي اٺ زمين تي ھر ڏيڻ ۽ ٻين زرعي ڪمن لاءِ پڻ استعمال ٿيندو آهي<ref name="انسائيڪلوپيڊيا آف اسلام "> - Encyclopedia of Islam- Juan E. Campo J. Gordon Melton, Series Editor-: Facts On File, Inc. An imprint of Infobase Publishing 132 West 31st Street New York NY 10001
- pages# 128, </ref>.
 
 
 
== خاصيتون ==