ٻين مھاڀاري جنگ: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
{{حوالا سڌارو}}
ٽيگ: 2017ع ذريعو سنوار
حوالا شامل/بهتر ڪيا
سِٽَ 3:
[[فائل:Infobox collage for WWII.PNG|thumb|ٻئي مهاڀاري جنگ (سيڪنڊ ورلڊ وار) جا منظر]]
 
'''ٻي عالمي جنگ''' ({{Lang-en|World War II}}) انساني تاريخ جي سڀ کان وڏي، ڊگهي ۽ خونريز ۽ تباهي مچائيندڙ لڙائي ٻي عالمي جنگ هئي، جيڪا پهرين سيپٽمبر 1939ع تي [[پولينڊ]] تي [[جرمني|جرمنيءَ]] جي حملي سان شروع ٿي ۽ [[2 سيپٽمبر]] 1945ع تي وڃي پُڄاڻي تي پهتي (ختم ٿي)،<ref>{{حوالو_ويب|url=http://dic.sindhila.edu.pk/define/World%20War%20II.php|title=World War II {{!}} Online Sindhi Dictionaries {{!}} آن لائين سنڌي ڊڪشنريون|website=dic.sindhila.edu.pk|access-date=2020-01-31}}</ref> جڏهن آخري محوري طاقت [[جاپان|جپان]] سرڪاري طرح پنهنجي شڪست تسليم ڪئي. ٻي عالمي جنگ هونئن ته جپان جي [[چين]] ۾ مداخلت سان [[1 سيپٽمبر|پهرين سيپٽمبر]] 1939ع کان اڳئي شروع ٿي چڪي هئي، سا جرمني جي غير مشروط طور هٿيارن ڦٽا ڪرڻ سان [[يُورَپ|يورپ]] ۾ 8 مئي 1945ع تي ختم ٿي هئي. هيءَ جنگ جزوي طرح 1930ع ۽ 1940ع جي [[ڏھاڪن جي فھرست|ڏهاڪن]] ۾ [[ايشيا]] ۾ جاري هئي. ان کان سواءِ هيءَ جنگ [[آفريڪا|آفريقا]] جي ڪن حصن ۽ [[آمريڪا جون گڏيل رياستون|آمريڪا]] جي ڀر وارن ملڪن ۾ به وڙهي پئي وئي. بعد ۾ هن جنگ دوران مختلف [[سمنڊ|سمنڊن]] ۾ وڏين طاقتن جي بحري فوجن، جهازن ۽ [[آبدوز|آبدوزن]] سان تمام وڏيون ۽ خطرناڪ لڙايون ٿيون هيون. هيءَ [[انسان جي تاريخ (ڊاڪٽر حبيب الله صديقي)|انساني تاريخ]] جي وڏي ۾ وڏي لڙائي هئي، جنهن ۾ دنيا جا ذري گھٽ سڀئي ملڪ سڌي ۽ اڻ سڌي طرح شامل ٿي چڪا هئا، جنهن ۾ پراڻن آزمايل هٿيارن سان گڏ نوان خطرناڪ هٿيار به استعمال ٿيا ۽ آخر ۾ ته [[ائٽم بم|ايٽم بم]] به استعمال ٿيو، جيڪو آمريڪا جپان جي ٻن شهرن هيروشيما ۽ ناگاساڪيءَ تي ڪيرايو هو. ٻي عالمي جنگ جا بنياد [[پھرين مھاڀاري جنگ|پهرين عالمي جنگ]] جي خاتمي سان ئي پئجي چڪا هئا. اهو هن طرح ته [[پھرين مھاڀاري جنگ|پهرين عالمي جنگ]] (1914ع کان 1918ع) جي فاتح اتحادي طاقتن، شڪست کاڌل جرمنيءَ کان جيڪو صلح نامو ”ٽريٽي آف ورسائيليز“ (Treaty of Versailles) زرو زبردستيءَ سان صحيح ڪرايو هو، تنهن ۾ جرمنيءَ کي نهايت ذلت وارا شرط قبول ڪرڻا پيا هئا. مثال طور، اتحادين جرمنيءَ جي ڪن خاص علائقن تي، جتي جرمنيءَ جا فولاد جا ڪارخانا ۽ هٿيارن ٺاهڻ جون فيڪٽريون هيون، قبضو ڪري پنهنجون فوجون ويهاري ڇڏيون. جرمنيءَ تي پنهنجي اندروني انتظام کان وڌيڪ فوج رکڻ تي بندش وجھي ڇڏي ۽ اتحادي طاقتن هٿيار ٺاهڻ تي به پابندي لڳائي ڇڏي ۽ خاص طور [[فرانس]] کي، جنهن تي جرمنيءَ جي حملي سان پهرين مھاڀاري جنگ وڏي پئماني تي شروع ٿي هئي ۽ جنهن ۾ فرانس کي وڏو جاني ۽ مالي نقصان پهتو هو. ان کي War Reparations يعني جنگي نقصانن جو معاوضو ڀري ڏيڻ به اتحادين جرمنيءَ کان قبول ڪرايو هو. پهرين مھاڀاري جنگ ۾ جرمنيءَ جي شڪست سبب جرمنيءَ جي پراڻي بادشاهت کي ختم ڪري، ان جي جاءِ تي جمهوري نظام رائج ڪيو ويو ۽ جرمنيءَ کي ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ يعني عوامي جمهوريه قرار ڏنو ويو، جيڪا شروعاتي ڪاميابي کانپوءِ ناڻي واڌ، مهانگائيءَ، بيروزگاري ۽ اقتصادي مسئلن ۽ جرمنيءَ جي سندس مخالف طاقتن هٿان قومي ڦر لٽ سبب سخت ڪمزور پئجي ويئي. ملڪ ۾ مختلف شدت پسند سياسي تحريڪون ۽ سياسي جماعتون پيدا ٿي پيو. جن مان هڪڙي ڪميونسٽ پارٽي هئي ۽ ٻي هئي [[ايڊولف هٽلر]] جي نازي پارٽي. [[هٽلر]] ۽ ان جي نازي پارٽيءَ جرمنيءَ جي ٻي مھاڀاري جنگ ۾ شڪست کانپوءِ جي ذلت جو الزام هڪڙو اتحادي طاقتن طرفان جرمنيءَ کان زوري مڃايل ورسائيليز معاهدي ۽ ٻيو يهودين تي لڳايو. هٽلر جي نظر ۾ (الف) يهودين جو جرمنيءَ تي ايترو ته مضبوط اقتصادي ۽ مالي تسلط هو، جو جرمني پنهنجي دفاع جو پورو انتظام نه ڪري سگھي ۽ (ب) يهودي اندران جرمنيءَ سان ڪوڙا ۽ اتحادين سان سچا هئا.<ref name="سنڌيانا">[http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=ٻي%20عالمي%20جنگ ''ٻي عالمي جنگ''] [[انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا]] (جي ويب-سرزمين) جلد پھريون، [[سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو]]، حيدرآباد. سال:2012ع</ref>
 
== يورپ ۾ جنگ جي شروعات ==