انڊونيشيا: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: {{Infobox country |conventional_long_name=ريپبلڪ آف انڊونيشيا |common_name=Indonesia |native_name={{native name|id|Republik Indonesia}} |image_flag=Animated-Fl...
ٽيگ: 2017ع ذريعو سنوار
 
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگ: 2017ع ذريعو سنوار
سِٽَ 99:
 
== تعارف ==
هي ڏکڻ -اوڀر- -ايشيا- جو اسلامي ملڪ آهي. هن جي [[اتر]] ۾ ملائيشيا، ملاڪا سامونڊي لنگهه، ڏکڻ ۾ چيني سمنڊ، سليبيز سمنڊ، فلپائن، اولهه ۾ پئسِفڪ سمنڊ، -اوڀر- ۾ پاپو آنيوگي ۽ آرافورا سمنڊ، ڏکڻ اولهه ۾ هندي سمنڊ ۽ -اتر- اولهه ۾ انڊيمان سمنڊ آهن. -انڊونيشيا- 13677 ٻيٽن تي ٻڌل ٻيٽن جو ڳٽڪو آهي. جيڪي -اوڀر- کان اولهه تائين 5150 ڪلوميٽر (3200 چورس ميل) جي ڊيگھه ۽ -اتر- کان ڏکڻ تائين 1930 ڪلوميٽرن (1200 ميل) جي ويڪر ۾ پکڙيل آهن. انهن ٻيٽن جي پکيڙ -آسٽريليا- جي -اتر- تائين آهي. ملڪ جو اڌ حصو جابلو آهي، 65 سيڪڙو ايراضي ساوڪ ڀريل ٻيلن سان ڍڪيل آهي. -انڊونيشيا- جي ڪل پکيڙ 1906200 چورس ڪلوميٽر (735800 چورس ميل) ۽ آبادي 22 ڪروڙ آهي. -انڊونيشيا- جي گاديءَ جو هنڌ جڪارتا (Jakarta) آهي ۽ سڀ کان مٿانهون هنڌ يونيڪ جايا (بلندي 5030 ميٽر) آهي. هتان جي سرڪاري -ٻولي- انڊونيشي آهي، جڏهن ته ملائي، جاوائي ۽ باتڪ پڻ ڳالهائجن ٿيون. هن ملڪ جي موسم خط استوا جي ويجھو هئڻ ۽ خط سرطان ۽ خط جري جي وچ ۾ هئڻ ڪري گرم هوندي آهي. هتي -برسات- گھڻي پوندي آهي. -انڊونيشيا- جي مکيه زرعي پيداوار، چانور، مڪئي، پٽاٽا، ناريل، ڪمند، رٻڙ، کجور، کؤنر، گجر، چانهه، ڪافي ۽ مصالحا آهن. مکيه صنعتن ۾ ٽيڪسٽائيل، ڪاغذ، سيمنٽ، گاڏيون، سائيڪلون، ٽائر، رٻڙ جون شيون، پيٽروليم جون شيون، پلاءِ ووڊ اچي وڃن ٿيون. هتي جي مکيه معدنيات ۾ -تيل-، قدرتي گئس، -ٽامو-، نڪل، ايلومينم، قلعي، ڪوئلو، باڪسائيٽ، مينگانيز، -تيزاب-، ڪروميم، -ٽين- ۽ چاندي شامل آهن.
 
== تاريخ ==