آيت: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سِٽَ 1:
'''آيت'''{{ٻيا نالا|انگريزي= ''' Ayah '''}} [[عربي ٻولي|عربي ٻوليء]]َ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي ''نشاني''. اهڙي نشاني، جيڪا تفسير ۽ تشريح کان سواءِ ئي سمجهه ۾ اچي. قرآن پاڪ جو هڪ جملو يا فقرو آيت سڏبو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ آيت لفظ قرآني حوالي سان استعمال ۾ اچي ٿو. قرآن پاڪ ۾ 6666 آيتون آيل آهن.<ref>[http://www.encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A2%D9%8A%D8%AA آيت : (Sindhianaسنڌيانا)<!-- Bot generated title -->]</ref>آيتون يا “آيت” قران شريف جي هڪ جملي يا فقري کي چئبو آهي. آيت لفظ جي لغوي معنيٰ آهي ’نشاني‘. ڪلاسيڪي سنڌي شاعرن قران شريف جون آيتون تضمين طور شاعريءَ ۾ ڪم آنديون آهن. سنڌي شاعريءَ ۾ شاهه لطيف پنهنجن بيتن کي آيتون سڏيو آهي. ”جي تون بيت ڀانئيين، سي آيتون آهين! شيخ اياز، شاعرن جي سرتاج شاهه لطيف کي مخاطب ٿي چيو آهي: مون وٽ آهن بيت، تو وٽ مڙئي آيتون!<ref>.ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي</ref> تفھيم القرآن مطابق آيت جي معني آهي نشاني يا علامت جيڪا ڪنھن شئي جي طرف رھنمائي ڪري.قرآن ۾ ان لفظ جو استعمال چار مختلف معنائن سان ٿيو آھي: علامت يا نشاني؛ آثار ڪائنات؛ معجزات؛ ۽ قرآن جا فقرا.<ref>{ تفھيم القرآن، جلد 1 ، صه 69 ، مولانا ابوالاعلي مودودي، ادارہ ترجمان القرآن لاھور}</ref>.
 
==آيتن جا قسم==
 
قرآن ۾ آيتن جا ٻہ قسم ٻڌايا ويا آهن: (1) آيات محڪمات ۽ (2) آيات متشابھات