تاجل بيوس: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: وزيوئل سنوار موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سِٽَ 2:
 
==زندگي جو احوال ==
تاجل بيوس جو اصل نالو تاج محمد ولد محمد جعفر سمو هو. ھو 22 سيپٽمبر 1938ع تي ڳوٺ درگاھ پير حيات شاھ، [[سوڀو ديرو تعلقو|تعلقي سوڀي ديري]]، [[خيرپور ضلعو|ضلعي خيرپورميرس]] ۾ ڄائو. شروعاتي تعليم نورپور ۽ ڀونڀٽ پور اسڪولن مان حاصل ڪيائين، جڏهن تہ ثانوي تعليم گنبٽ هاءِ اسڪول مان ۽ گرئجوئيشن [[سنڌ يونيورسٽي]] ڄام شوري مان ڪيائين. بعد ۾، ايم. اي (اقتصاديات)، سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪرڻ کان پوءِ [[جپان]]، [[ٿائيلينڊ]] ۽ [[آمريڪا]] مان مختلف ڪورس ڪري آيو. تاجل بيوس 1960ع ۾ انگريزي استاد طور ملازمت جي شروعات ڪئي، بعد ۾ سنڌ حڪومت جي ڪيترن ئي ادارن/ڪمپنين ۾ انويسٽيگيٽر، ريسرچ آفيسر، اسسٽنٽ چيف، ڊپٽي چيف، چيف ۽ رجسٽرار جي عهدن تي خدمتون سرانجام ڏنائين. مرڪزي حڪومت ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري رهيو. ڪارپوريٽ لا اٿارٽيءَ ۾ رجسٽرار آف ڪمپنيز جي عهدي تان رٽائر ڪيائين. ان بعد [[شاهه عبداللطيف يونيورسٽي|شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور]] ۾ ڪجھ عرصي لاءِ وائيس چانسلر جو صلاحڪار پڻ رهيو. تاجل بيوس ڪجھ عرصو [[سنڌي لئنگئيج اٿارٽي]] جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر بہ رهي چڪو آهي. تاجل بيوس شاعريءَ سان گڏوگڏ ڪهاڻيون، ڪالم ۽ مضمون بہ لکيا. سندس هفتيوار ڪالم ”عوامي آواز“ سميت مختلف سنڌي اخبارن ۾ ڇپجندا رهيا.تاجل بيوس جي مشهور ڪلام ”سنڌ منهنجي امان، سُونهن تنهنجي مٿان، ڇا لکِي، ڇا لِکان“ سنڌ توڙي هند ۾ وڏي مقبوليت حاصل ڪئي. هند ۾ ان کي ڊاڪٽر موتي پرڪاش جي تراني ”آنڌيءَ ۾ جوت جلائڻ وارا سنڌي“ وانگر اهميت حاصل آهي. تاجل بيوس کي هند ۽ سنڌ ۾ ڪيترا مڃتا اوارڊ مليا شاعري ([[سنڌي ٻولي]]/[[اردو]])، سفرنامن، آتم ڪٿا ۽ مختلف موضوعن تي سندس 44 ڪتاب لکيل آهن. <ref name=":0">[http://www.encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=تاجل%20بيوس تاجل بيوس] [[انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا]] (جي ويب-سرزمين)، [[سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو]]، حيدرآباد، سنڌ.</ref>
 
==ڪتاب==
سِٽَ 19:
# ”تاجل جو رسالو“ (شاعري 2006ع)،
# ”انداز بيان اور“ (اردو شاعري)،
# ”گلابون ڪي موسم“ (اردو شاعري).<ref name=":0" />
 
==وفات==
سنڌ جي هن شاعر، دماغي نس ڦاٽڻ (برين هيمريج) سبب 13 ڊسمبر 2008ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاھ [[چوڪنڊي قبرستان]]، [[ڪراچي|ڪراچيءَ]] ۾ آهي.