رياضت: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: '''رياضت''': {{ٻيا نالا|انگريزي= ''' Asceticism '''}} جنھن کي عربي ۾ ذھد چوندا آھن. ان ۾ طرحين طرحين مذھبي مشقون...
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
 
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سِٽَ 1:
'''رياضت''': {{ٻيا نالا|انگريزي= ''' Asceticism '''}} جنھن کي عربي ۾ ذھد چوندا آھن. ان ۾ طرحين طرحين مذھبي مشقون شامل ھونديون آھن جن وسيلي جسم ۽ خواھشن تي ضابطو حاصل ڪيو ويندو آهي تہ جيئن ذھني ۽ روحاني ڪيفيت جي تسڪين ٿئي. انگريزي لفظ اسيٽسزم يوناني لفظ ايسڪيسس (askesis) مان نڪتل آهي جنھن جي معني آهي تربيت يا مشق. رياضت جو تصور ھندو مت ، ٻڌ ازم ، عيسائيت ۽ محدود نموني اسلام ۾ بہ ملي ٿي. پر اسلام ۾ ان جي انتھا ۽ غيرشادي شدہ زندگي گزارڻ جي ترديد ملي ٿي ڇوتہ اسلام اعتدال تي زور ڏئي ٿو. اسلام ۾ 30 ڏينھن روزا رکي انھن م کائڻ پيئڻ ۽ جنسي خواھشن پوري ڪرڻ کان پرھيز ڪرڻ ۽ حج جي دوران پاڻ تي مختلف پابنديون لڳائي پاڪ رکڻ, رات جي وقت جاڳي عبادت ڪرڻ وغيره رياضت جا مثال آھن. اسلام ۾ رياضت ۾ مھارت عارفاڻي راھ تي ھلندڙ صوفين کي آھي. خيال آهي ته لفظ صوفي '''صوف''' (suf) لفظ مان نڪتل آهي جنھن جي معنيَ '''ان جو ٺھيل جبو''' آھي جيڪي ذاھد يا رياضت ڪندڙ پائيندا ھيا. صوفين جي دعوا آھي تہ اھي محمد صہ ۽ اسلاف جي نمونن يا طريقن تي ھلندڙ آھن. جيڪڏهن تاريخي طور تي ڏسجي ته آھي اسلام کان اڳ جي وچ اوڀر ۽ ايشيا جي مذھبن کان متاثر ٿيل آھن. محمد صہ پنھنجي زندگي نھايت سادگيءَ سان گذاري ۽ باقائدگي سان تھجد پڙھندڙ ھو ۽ نفساني ضابطو رکندڙ ۽ ڪثرت سان روزا رکندڙ
ھيو. ان بعد مسلمانن جڏھن دنيا فتح ڪرڻ شروع ڪئي ته ذھد جي رستي تي ھلندڙ حسن بصري جھڙن شخصن مسلمان حاڪمن جي دولت سان چاھ ۽ عيش عشرت واري زندگي کي رد ڪري ڇڏيو. سندن خيال ھو تہ دنيا جو چاھ ماڻھن کي خدا کان ۽ ان جي فرمانبرداري کان ۽ جنت جي حاصلات کان ھٽائي ڇڏي ٿو. انھن غريبي واري روحاني زندگيءَ کي چونڊيو. انھن جي سلسلن تي ھلندڙ فقير سڏبا ھئا جنھن جي معني غريب ماڻھو ھئي. فارسي ۾ فقير لاء درويش لفظ استعمال ٿيندو آهي. انھن صوفين رياضت جا طريقا اپنايا تہ جيئن پنھنجي نفس جي خواھشن ۽ اڌمن تي ضابطو ڪري سگھن. روحاني تڪميل جي راھ ۾ غربت، توبھ، ترڪ دنيا، پرھيزگاري، تياڳ، ۽ جسماني بک منزلون سمجھيون ويون.
 
==حوالا==
,