ياسر عرفات: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سِٽَ 50:
==سياسي زندگي ۽ خدمتون==
 
قاھرہ ۾ ننڍي عمر ۾ ئي ھن يھودين ۽ انگريزن جي خلاف قاھرہ مان فلسطين طرف ھٿيار منتقل ڪرڻ شروع ڪيا ھيا. 1948ع واري پھرين عرب اسرائيل جنگ ۾ ھن قاھرہ يونيورسٽي ڇڏي يھودين خلاف جنگ ۾ شامل ٿي ويو<ref name="عرفات" />. ھي فلسطيني ماڻھن جو ھڪ زبردست رھنماء رھيو ھو<ref name="انسائيڪلوپيڊيا آف اسلام" />.قاھرہ يونيورسٽي ۾ ھي شاگرد سياست ۾ سرگرم ٿيو ۽ فلسطيني شاگردن جي يونين جو 1952 کان 1956 تائين صدر پڻ رھيو<ref name="برٽنيڪا" /> ھي اخوان المسلمين جو پڻ ھمدرد رھيو ۽ 1954 م جمال عبدالناصر تي قاتلاڻي حملي جي نتيجي ۾ ٿيندڙ گرفتارين ۾ بطور اخوان المسلمين جي ھمدرد جي ھي بہ گرفتار ٿيو ھو<ref name="برٽنيڪا" />. 1958ع ۾ عرفات دوستن سان ملي اسرائيل خلاف ھٿياربند مزاحمت لاءِ الفتح نالي ھڪ خفيه نيٽورڪ ٺاھيو<ref name="عرفات" />. ھي 1959 ۾ فتح نالي تنظيم جي بنياد وجھندڙ اڳواڻن ۾ شامل ھيو<ref name="انسائيڪلوپيڊيا آف اسلام" /> جن ۾ خليل الوزير عرف ابوجھاد، صلاح خلف عرف ابولياد ۽ خالد الحسن عرف ابو سعيد پڻ شامل ھيا<ref name="برٽنيڪا" />، ۽ ان پارٽي ۾ رھيو جيڪا فلسطين لبريشن آرگنائيزيشن ۾ شامل ٿيندڙ ھڪ وڏي جماعت ھئي<ref name="انسائيڪلوپيڊيا آف اسلام" />. الفتح جي 60 واري ڏھاڪي ۾ ھن ڪويت مان نڪري آيو ڪل وقتي انقلابي بڻجي اسرائيل تي حملا ڪرڻ شروع ڪيا<ref name="عرفات" />. 1964 ۾ عرب ليگ جي سھڪار سان ٺاھيل پي ايل او<ref name="برٽنيڪا" /> ۾ ٻين گروپن سان گڏجي ان جو حصو ٿي فلسطين جي آزادي جي تحريڪ شروع ڪئي<ref name="عرفات" />. 1969 ۾ پي ايل او جو چيئرمين ٿيو ۽ 2004 ۾ وفات تائين ان عھدي تي فائز رهيو<ref name="انسائيڪلوپيڊيا آف اسلام" />. پي ايل او جون ڪاروايون ھن اردن مان جاري رکيون پر سيپٽمبر 1970<ref name="برٽنيڪا" /> ۾ اردن جي شاھ حسين جي حڪومت انھن کي نيڪالي ڏني جنھن بعد ھي لبنان منتقل ٿي اتان اسرائيل جي خلاف ڪاروايون شروع ڪيون<ref name="عرفات" />. 1980واري ڏھاڪي ۾ 1982<ref name="برٽنيڪا" /> ۾ پي ايل او کي لبنان مان بہ نيڪالي ملي جنھن بعد ھن اولھندي ڪناري ۽ غزا واري پٽي ۾ [[انتفادہ ]] واري تحريڪ شروع ڪئي<ref name="عرفات" />. 1988 ۾ ھن گڏيل قومن ۾ تقرير ڪندي اعلان ڪيو ته تڪرار ۾ شامل سڀئي ڌريون امن سان رھي سگھن ٿيون<ref name="عرفات" />. اھڙي طرح ان اعلان سان امن طرف پيشقدمي ٿي جنھن جي نتيجي ۾ 1993 ۾ اوسلو وارو معاھدو عمل ۾ آيو جنھن سان فلسطين نيشنل اٿارٽي جو قيام ٿيو<ref name="عرفات" />. [[اولھندو ڪنارو|اولھندي ڪناري]] ۽ [[غزا جي پٽي]] تي مشتمل فلسطيني رياست جي قيام لاء ٺھيل [[فلسطين نيشنل اٿارٽي]] جو صدر ۽ وزيراعظم پڻ رهيو<ref name="انسائيڪلوپيڊيا آف اسلام" />.ھن جي وفات کان اڳ واري پوئين زندگي ۾ ھن جي سياسي حيثيت ڪمزور ٿي وئي ۽ حماس تنظيم فلسطيني ماڻھن م زور پڪتو<ref name="انسائيڪلوپيڊيا آف اسلام" />. سن 2000ع ۾ ٻين انتفادہ تحريڪ جي شروعات جي ڪري<ref name="عرفات" /> اسرائيل ھن جي چرپر تي فوجي پابندي رکي کيس رمله واري صدر مقام تائين محدود رکيو ھو پر آخر ۾ کيس علاج خاطر پيرس وڃڻ جي اجازت ڏئي جتي وفات ڪيائين<ref name="انسائيڪلوپيڊيا آف اسلام "> - Encyclopedia of Islam- Juan E. Campo J. Gordon Melton, Series Editor-: Facts On File, Inc. An imprint of Infobase Publishing 132 West 31st Street New York NY 10001
- pages# 58,59, </ref>.چاليھ سال فلسطين کان جلاوطن رھيو ۽ 1994 ۾ فلسطين نيشنل اٿارٽي قائم ٿيڻ سان ھي فلسطين ۾ واپس اچي رھيو. ھن جي زندگي خطرن سان ڀرپور رھي. اسرائيل ھن تي ڪيترائي ڀيرا قاتلاڻہ حملا ڪيا ۽ ھميشه ھي بچندو رھيو. ھن 1991 ۾ ميڊرڊ ڪانفرنس ۾ اسرائيل سان خودمختيار فلسطيني حڪومت جي قيام لاء معاھدو ڪيو<ref name ="عرفات " > Yaser Arafat - biography.com- </ref> ۽ 2000 ۾ ڪيمپ ڊيوڊ سمٽ ۾ پڻ شريڪ ٿيو<ref name="عرفات" />.