ياسر عرفات: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سِٽَ 49:
==سياسي زندگي ۽ خدمتون==
 
قاھرہ ۾ ننڍي عمر ۾ ئي ھن يھودين ۽ انگريزن جي خلاف قاھرہ مان فلسطين طرف ھٿيار منتقل ڪرڻ شروع ڪيا ھيا. 1948ع واري پھرين عرب اسرائيل جنگ ۾ ھن قاھرہ يونيورسٽي ڇڏي يھودين خلاف جنگ ۾ شامل ٿي ويو<ref name="عرفات" />. ھي فلسطيني ماڻھن جو ھڪ زبردست رھنماء رھيو ھو<ref name="انسائيڪلوپيڊيا آف اسلام" />. 1958ع ۾ عرفات دوستن سان ملي اسرائيل خلاف ھٿياربند مزاحمت لاءِ الفتح نالي ھڪ خفيه نيٽورڪ ٺاھيو<ref name="عرفات" />. ھي 1959 ۾ فتح نالي تنظيم جي بنياد وجھندڙ اڳواڻن ۾ شامل ھيو ۽ ان پارٽي ۾ رھيو جيڪا فلسطين لبريشن آرگنائيزيشن ۾ شامل ٿيندڙ ھڪ وڏي جماعت ھئي<ref name="انسائيڪلوپيڊيا آف اسلام" />. الفتح جي 60 واري ڏھاڪي ۾ ھن ڪويت مان نڪري آيو ڪل وقتي انقلابي بڻجي اسرائيل تي حملا ڪرڻ شروع ڪيا<ref name="عرفات" />. 1964 ۾ ٻين گروپن سان گڏ پي ايل او جو حصو ٿي فلسطين جي آزادي جي تحريڪ شروع ڪئي<ref name="عرفات" />. 1969 ۾ پي ايل او جو چيئرمين ٿيو ۽ 2004 ۾ وفات تائين ان عھدي تي فائز رهيو<ref name="انسائيڪلوپيڊيا آف اسلام" />. پي ايل او جون ڪاروايون ھن اردن مان جاري رکيون پر اردن جي شاھ حسين جي حڪومت انھن کي نيڪالي ڏني جنھن بعد ھي لبنان منتقل ٿي اتان اسرائيل جي خلاف ڪاروايون شروع ڪيون<ref name="عرفات" />. 1980واري ڏھاڪي ۾ پي ايل او کي لبنان مان بہ نيڪالي ملي جنھن بعد ھن اولھندي ڪناري ۽ غزا واري پٽي ۾ [[انتفادہ ]] واري تحريڪ شروع ڪئي<ref name="عرفات" />. 1988 ۾ ھن گڏيل قومن ۾ تقرير ڪندي اعلان ڪيو ته تڪرار ۾ شامل سڀئي ڌريون امن سان رھي سگھن ٿيون<ref name="عرفات" />. اھڙي طرح ان اعلان سان امن طرف پيشقدمي ٿي جنھن جي نتيجي ۾ 1993 ۾ اوسلو وارو معاھدو عمل ۾ آيو جنھن سان فلسطين نيشنل اٿارٽي جو قيام ٿيو. [[اولھندو ڪنارو|اولھندي ڪناري]] ۽ [[غزا جي پٽي]] تي مشتمل فلسطيني رياست جي قيام لاء ٺھيل [[فلسطين نيشنل اٿارٽي]] جو صدر ۽ وزيراعظم پڻ رهيو<ref name="انسائيڪلوپيڊيا آف اسلام" />.ھن جي وفات کان اڳ واري پوئين زندگي ۾ ھن جي سياسي حيثيت ڪمزور ٿي وئي ۽ حماس تنظيم فلسطيني ماڻھن م زور پڪتو<ref name="انسائيڪلوپيڊيا آف اسلام" />. اسرائيل ھن جي چرپر تي فوجي پابندي رکي کيس رمله واري صدر مقام تائين محدود رکيو ھو پر آخر ۾ کيس علاج خاطر پيرس وڃڻ جي اجازت ڏئي جتي وفات ڪيائين<ref name="انسائيڪلوپيڊيا آف اسلام "> - Encyclopedia of Islam- Juan E. Campo J. Gordon Melton, Series Editor-: Facts On File, Inc. An imprint of Infobase Publishing 132 West 31st Street New York NY 10001
- pages# 58,59, </ref>.چاليھ سال فلسطين کان جلاوطن رھيو ۽ 1994 ۾ فلسطين نيشنل اٿارٽي قائم ٿيڻ سان ھي فلسطين ۾ واپس اچي رھيو. ھن جي زندگي خطرن سان ڀرپور رھي. اسرائيل ھن تي ڪيترائي ڀيرا قاتلاڻہ حملا ڪيا ۽ ھميشه ھي بچندو رھيو. ھن 1991 ۾ ميڊرڊ ڪانفرنس ۾ اسرائيل سان خودمختيار فلسطيني حڪومت جي قيام لاء معاھدو ڪيو<ref name ="عرفات " > Yaser Arafat - biography.com- </ref> ۽ 2000 ۾ ڪيمپ ڊيوڊ سمٽ ۾ پڻ شريڪ ٿيو<ref name="عرفات" />.