ياسر عرفات: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سِٽَ 37:
'''ياسر عرفات'''{{ٻيا نالا|انگريزي= ''' Yaseer Arafat '''}} فلسطين جو ھڪ عرب اڳواڻ جنھن پوري زندگي فلسطين جي آزادي جي جدوجھد ڪندي گذاري. سندس پورو نالو محمد عبد الرؤوف القدوة الحسيني ھيو ۽ ان جي [[ڪنيت]] أبو عمّار ھئي. 24 آگسٽ 1929 ۾ پيدا ٿيو. فلسطيني کيس پنھنجو پھريون اڳواڻ سڏيندا ھيا. پاڻ [[فلسطين لبريشن آرگنائيزيشن]] جو 1969 کان 2004 ۾ پنھنجي وفات تائين چيئرمين رهيو. 1993 ۾ [[فلسطين نيشنل اٿارٽي]] جو صدر ٿيو.
==خاندان ۽ ننڍپڻ ۽ شخصيت==
ھن جو فلسطيني خاندان جي رھائش قاھرہ ۾ ھئي ان ڪري ھن جي پيدائش جو هنڌ قاھرہ سمجھيو ويندو آهي پر ھن پاڻ پنھنجي جاء پيدائش يروشلم ٻڌائي<ref name="انسائيڪلوپيڊيا آف اسلام" />. ھن جو ننڍپڻ قاھرہ م گذريو<ref name="انسائيڪلوپيڊيا آف اسلام" />. چئن سالن جو تہ 1933 ۾ سندس ماءُ گذاري وئي جنھن کانپوءِ کيس يروشلم ۾ مامي جي گھر موڪليو ويو جتي چار سال رھڻ بعد پيءُ جي گھر قاھرہ موٽي آيو<ref name="عرفات" />. ھن جي پيءُ سان ويجهڙائپ تمام گھٽ ھئي. 1952 م جڏهن سندس پيءُ گذاري ويو تہ ھن سندس جنازي ۾ شرڪت نہ ڪئي ھئي<ref name="عرفات" />.
==نالو==
والدين طرفان ھن جو نالو محمد عبدالرحمان عبدالرؤف القدوہ الحسيني ھيو پر ھن اسلام جي پھرين شھيد ياسر، جيڪو مشھور صحابي عمار جو پيء ھيو، کان متاثر ٿي پنھنجو نالو ياسر رکيو ۽ ڪنيت بہ ابو عمار رکي<ref name="انسائيڪلوپيڊيا آف اسلام" />. ھي سني اسلام سان لاڳاپيل ھيو ۽ شراب ۽ سوئر جي گوشت کان ھميشه پرھيز ڪئي ۽ دينوي زندگي گذاري<ref name="انسائيڪلوپيڊيا آف اسلام" />.
 
== تعليم ۽ پيشو==