عبدالغفار تبسم: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سِٽَ 21:
 
عبدالغفار ”تبسم“ ڪيترن ئي ٽي وي جي سنڌي ڊرامن ۾ هيرو ٿي ڪم ڪيو، جنهن ۾ 1974ع ۾ پيش ٿيل ڊرامون ”بري هن ڀنڀور ۾“ به شامل آهي. پاڻ ڪيترن ئي علمي ادبي ۽ راڳ رنگ جي محفلن جو ميزبان به ٿيو، جنهن ۾ ٽيليويزن جي پروگرام ”سنڌ سينگار“ جو ميزبان ڪمپيئر 1981ع کان 1982ع تائين رهيو. 1983ع ۾ پاڻ هڪ سنڌي فلم پڻ ٺاهيائين. هڪ سنڌي فلم ’برسات جي رات‘ ۾ هيرو ۽ ايس گل جي فلم ”سهڻا سائين“ ۾ ولين جو ڪردار ادا ڪيائين.
 
عبدالغفار ”تبسم“ شاعري کانسواءِ سفر نامو ۽ آتم آکاڻي پڻ لکي آهي. سندس آمريڪا جوسفرنامو ”زندگي تنهنجا رنگ هزار“ ۽ آتم ڪهاڻي ”سي ئي جوڀن ڏينهڙا“ 1994ع ۾ شايع ٿي. عبدالغفار ”تبسم“ جا هيستائين اٺ شعري مجموعا ڇپجي چڪا آهن. جن جو وچور هن ريت آهي. گلشن جهڙا گل (1966ع) شفق وارا ڇانورا (1982ع) مٽي جا سُر (1991ع) سوچون صحرا سراب (1995ع) نيڻن جي آڳر (1996ع) ڪندي ڪناري ناوَ (1999ع) موسيقي، موسم ۽ تبسم (2003ع) اُڀ هيٺان اُڃارا گيت لڇن (2004ع). سج آرسيءَ ۾ (2005ع).
<ref>[http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=311#15949 سنڌي ادب : هڪ سئو سنڌي اديب (يوسف سنڌي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر<!-- Bot generated title -->]</ref>