آل انڊيا مسلم ليگ: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
م خودڪار: اضافو زمرا +ترتيب (14.9 core): + زمرو:تاريخ پاڪستان+زمرو:مسلم ليگ+زمرو:تحريڪ پاڪستان
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سِٽَ 26:
 
'''آل انڊيا مسلم ليگ'''{{ٻيا نالا|انگريزي=
'''All-India Muslim League'''}}, جيڪا مسلم ليگ جي نالي سان مشھور ھئي، ھڪ سياسي پارٽي ھئي جنھن جو بنياد نواب وقار الملڪ ۽ سر آغا خان ٽيون 30 ڊسمبر 1906 ۾ ڊاڪا ۾ رکيو. ھن جماعت ھندوستان ۾ مسلمانن لاءِ علحده ملڪ قائم ڪرڻ لاءِ سخت موقف رکيو ۽ ان م ڪامياب ٿي وئي . اھڙي طرح مسلمانن لاءِ پاڪستان جو بنياد پيو. <ref name="storyofpakistan.com">{{cite web |url=http://storyofpakistan.com/establishment-of-all-india-muslim-league/ |title=Establishment of All India Muslim League |website=Story of Pakistan |page=1 |accessdate=14 February 2014|date=June 2003}}</ref>ھن پارٽيءَ جو بنياد سر سيد احمد جي علي ڳڙھ تحريڪ جي نتيجي ۾ پيو.<ref>Sequeira, Dolly. Total History and Civics ICSE 10.New Delhi:MSB publushers,2016.Print.</ref> 1912 تائين ھن تنظيم برطانوي راڄ جي حمايت ڪئي پر ان سال خودمختياري جو مطالبو ڪيو. 1913 ۾ محمد علي جناح انڊين نيشنل ڪانگريس ڇڏي ھن جماعت ۾ شامل ٿيو. پھرين جنگ عظيم ۾ ھن تنظيم انڊين نيشنل ڪانگريس وانگر وري برطانوي راڄ جي حمايت ڪئي ۽ ٻنھي جماعتن گڏجي ڪم ڪيو ۽ 1916 ۾ لکنو پيڪٽ ذريعي انڊيا جي سڀني ماڻھن کي ووٽ جو حق ڏيڻ ۽ ڪائونسل ۽ علائقائي حڪومتن ۾ وڏي پيماني تي نمائندگيءَ جو حق ، مسلمانن کي جدا گانه چونڊن جو حق آهي ڏيڻ جو گڏيل مطالبو ڪيو. 1920 ۾ جناح جي گانڌي سان اختلافن سبب ھيء پارٽي انڊين نيشنل ڪانگريس کان اتحاد مان علحده ٿي وئي. 1935 جي اليڪشن ۾ ھن پارٽي کي ڪٿي بہ نمايان ڪاميابي نہ ملي سگھي جنھن بعد محمد علي جناح پاڻ مسلمانن جو واحد ترجمان بڻجي مسلمانن جي ووٽ کي گڏ ڪرڻ شروع ڪيو. 1940 ۾ لکنو جي پارٽي اجلاس ۾ مسلمانن لاء علحده وطن جو مطالبو ڪري ڇڏيو. ان جي کيس زبردست موٽ بينگال ۽ پنجاب جي مسلمانن کان ملڻ شروع ٿي جن سندس وڏو آڌرڀاءُ ڪيو
 
== حوالا ==